ممبئي (ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ اداڪاره شرڌا ڪپور چيو آهي ته ”اوڪي جانو“ ۾ ادتيا راءِ ڪپور سان “عاشقي ٽو“ جي ڪاميابي کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر اسان جي جوڙي کي ايڏو مضبوط ڏيکاريو ويو آهي جو ڏسندڙن جو چاهه جيڪو عاشقي ٽو ۾ اسان لاءِ ٺهيو هو ان کي اسين نه صرف برقرار رکنداسين پر فلم ۾ اوهان کي ڪهاڻي سان گڏ ورائٽي پڻ ڏسڻ ۾ ايندي، جڏهن ته گلزار جي رنگين شاعري مان نڪتل گيت ۽ اي آر رحمان جون ڌنون فلم کي وڌيڪ دلچسپ بڻايو آهي.