ممبئي (ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ اداڪارائون انوشڪا شرما، ديا مرزا، نيها ڌوپيا ۽ سونم ڪپور هالي ووڊ اداڪاره ميرل اسٽريپ جي حمايت ۾ ميدان ۾ اچي ويون، گولڊن گلوب ايوارڊ جي تقريب دوران ميرل اسٽريپ آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس پاليسين تي تنقيد ڪئي هئي، جنهن تي ميرل اسٽريپ جي هن قدم کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، بالي ووڊ اداڪاره نيها ڌوپيا ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ ميرل اسٽريپ جي ساراهه ڪندي لکيو ته ”ميرل اسٽريپ هڪ ملڪه آهي، هن جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سڄي دنيا خاموش ٿي وئي“، ديا مرزا ٽوئيٽ ڪئي ته ”منهنجون همدرديون ميرل اسٽريپ سان گڏ آهن، منهنجي دل ۾ سندس لاءِ پيار ۽ عزت وڌي وئي آهي“، جڏهن ته اداڪاره انوشڪا شرما پڻ ٽوئيٽر تي ڪجهه پوسٽ شيئر ڪيون، جنهن ۾ ميرل اسٽريپ جي هن قدم کي ساراهيو ويو آهي، هوڏانهن سونم ڪپور چيو ته ٽرمپ پاڻ هڪ جوڪر آهي، هن جي ميرل اسٽريپ بابت رمارڪس جي ڪا به اهميت ناهي.