ممبئي (ڪلچرل رپورٽ) مشهور ڀارتي اداڪار اوم پوري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ تصديق ٿي آهي ته اوم پوري کي مٿي ۾ ڏيڍ انچ جو گهرو ۽ 4 سينٽي ميٽر جو وڏو زخم هيو، اوشيوارا پوليس اسٽيشن جي هڪ عملدار اها دعوى ڪئي آهي ته اوم پوري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ کين ملي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته کيس مٿي ۾ زخم آهي پر ان زخم جي ڪارڻ جو پتو پئجي نه سگهيو آهي، ميڊيا رپورٽ موجب اوم پوري جي ڊرائيور پوليس کي بيان ڏنو آهي ته اوم پوري کي شراب پيتل هو، هن پنهنجي پٽ ايشان سان ملڻ پئي چاهيو پر ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي، شام جي وقت هو جذباتي هو، ياد رهي ته اوم پوري 6 جنوري تي مبينا طور دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو هو.