ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) پاڪستاني فلم ”آئينه“ جي تخليقڪار ۽ هدايتڪار نذر الاسلام جي وڇوڙي کي 23 سال مڪمل، اڄ ورسي ملهائي ويندي، هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات بنگالي فلمن کان ڪئي هئي، هن جي بنگالي فلم ”دٻاءُ“ کي 1966ع ۾ نگار ايوارڊ مليو، جڏهن ته هن پهرئين اردو فلم ”ڪاجل“ جي ڊائريڪشن ڏني.  جيڪا 1965ع ۾ عيدالفطر جي موقعي تي ريليز ٿي هئي ۽ ان فلم ۾ هن اداڪاره شبنم کان ڊبل رول ڪرايو هو. ان بعد نذر الاسلام جي ٻي فلم ”پياسا“ هئي جنهن جو مرڪزي ڪردار اداڪار رحمان ڪيو. بنگلاديش الڳ ٿيڻ بعد پاڻ پاڪستان شفٽ ٿي آيو. هن پهرئين فلم ”احساس“ ٺاهي، ان بعد حقيقت، شرافت، امبر، بندش، زندگي، نهين اڀي نهين، آنگن، آئينه، لو اسٽوري، بارود ڪي ڇائون مين، ڪالي چور، شيشي ڪا گهر، نرگس، خواهش ۽ ٻيون فلمون ٺاهيون، هن جي آخري فلم ”ليليٰ“ 14 آڪٽوبر 1994ع تي رليز ٿي، هدايتڪار نذر الاسلام 11 جنوري 1994ع تي وفات ڪري ويو.