ممبئي (ڪلچرل رپورٽ) هن هفتي عاليه ڀٽ پنهنجي ڊريسنگ ۾ جتي  سليوز شرٽس ۽ بليڪ کان وٺي اورينج ۽ ميرون جون ڊريسز پهريون اتي فوٽو شوٽس ۽ شوٽنگ لاءِ هن منيش ملهوترا کان وٺي ساڀيا ساچي جا ڪاسٽيومز جن ۾ لهنگي کان وٺي ميڪسي تائين مختلف چمڪيلا لباس پهريا پئي اتي ڪرينا ڪپور وري لوز شرٽس پائي فرينڪ ماما جو تصور ڏنو، ايستائين جو ايشوريا راءِ لهنگي کان وٺي وڏن ڪاسٽيومز ۾ ديسي ۽ ٻاهرين فوٽو گرافرن جا فوٽو شوٽ ڪرايا، ايشوريا راءِ ايستائين جي جيولري کان وٺي ميڪ اپ ۾ لپ اسٽڪ ۽ آئي شيڊو ۾ سڀ انگلش ڪلر استعمال ڪيا، دپيڪا پڊوڪون ڪاڪ ٽيل پارٽي کان وٺي فوٽو سيشن تائين انگوري رنگ کان وٺي واڱڻائي ۽ ميرون رنگ جو استعمال ضرور ڪيو، بقول دپيڪا جي ته سياري جي موسم ۾ گهري رنگ جا ڪاسٽيوم گهري رنگ جي ميڪ اپ سان توهان جي وجود کي وڌيڪ خوبصورت بڻائين ٿا.