لنڊن (ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون فلم ”دي رٽرن آف زينڊر ڪيج“ جي پروموشن لاءِ لنڊن پهچي وئي، آمريڪي ميڊيا مطابق دپيڪا، اداڪار وين ڊيزل ۽ ٻي ڪاسٽ به لنڊن پهتل آهي، اداڪاره فلم جي ڪاسٽ سميت 12 ۽ 13 جنوري تي ڀارت ۾ به فلم جي مشهوري ڪندي، فلم 14 جنوري تي رليز ٿيندي.