ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) ڪي ٽي اين سوپ سيريل ”اُڏام“ جي ڪهاڻي ۾ ارمان خلاف ڳالهائڻ تي  مرادي سونيتي تي ڏمرجي پئي. مرادي چيو ته پٽ ارمان خلاف زبان سنڀالي ڳالهائي، ارمان خلاف ڳالهائي پٽ جي توهين ڪئي آهي. سونيتي جواب ڏنو ته توهين ان کي چئبي آهي، جيڪا حقيقت کان گهٽ وڌ ڪري ڳالهائجي، مون سوچي سمجهي ڳالهايو آهي.