تائپي (فارين ڊيسڪ) تائيوان جي انجنيئرن هاڻي هڪ اهڙو روبوٽ ٺاهي ورتو آهي، جيڪو شطرنج جي ميدان تي انسانن سان شطرنج جا مقابلا ڪندو، هيءُ روبوٽ تائيوان انڊسٽريل ٽيڪنالاجي ريسرچ انسٽيٽيوٽ ٺاهيو آهي، جيڪو انسانن سان شطرنج راند کيڏڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ڪمپني جو چوڻ آهي ته هي روبوٽ نه رڳو شطرنج راند کيڏي سگهي ٿو پر کٽي به سگهي ٿو، هن روبوٽ کي لاس اينجلس ۾ هلندڙ ڪنزيومر اليڪٽرنڪ شو دوران به نمائش ۾ رکيو ويو آهي، جتي گذريل هڪ هفتي کان هي روبوٽ مخالف سان شطرنج کيڏي رهيوآهي.