بيجنگ (فارين ڊيسڪ) چين جي هوبهو عورت جي جسامت جهڙي روبوٽ ديوي منظر تي اچي وئي آهي، جيڪا انسانن جيان ڳالهائي سگهي ٿي ۽ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ انسان جيان ڪم ڪار به ڪري سگهي ٿي، شنگهائي جي ڪانفرنس ۾ انهيءَ روبوٽ ديوي کي نمائش لاءِ رکيو ويو آهي، خوبصورت عورت جهڙي نظر ايندڙ انهيءَ روبوٽ ديوي جو نالو ”جيا جي“ رکيو ويو آهي، گذريل ڏينهن شنگهائي ڪانفرنس ۾ انهيءَ ديوي شرڪت ڪندڙ ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي آهي، هن روبوٽ ديوي کي چيني يونيورسٽي جي انجنيئرن اهڙي نموني سان ته ٺاهيو آهي جو ان تي پهرين نظر پوڻ سان ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ سامهون ڪا خوبصورت عورت بيٺي آهي، هوبهو عورت جهڙي روبوٽ ديوي جو افتتاح گذريل سال اپريل ۾ ڪيو ويو هو، هن روبوٽڪ ديوي جي خاص ڳالهه اها به آهي ته ان جي چهري جا تاثر به ڏسي سگهجن ٿا، ڪمپني جو چوڻ آهي ته سندن ٽيم ٻن سالن جي لاڳيتي ڪوششن بعد هن عورت جهڙي روبوٽ کي تيار ڪيو آهي، اها روبوٽ ديوي ڏينهن جي موسم، بواءِ فرينڊ بابت سوال ۽ ٻين مختلف بنيادي سوالن جا جواب به ڏئي سگهي ٿي، انهيءَ روبوٽ ديوي هڪ شخص کي ته اهو چئي لاجواب ڪري ڇڏيو ته ”يو آر هينڊسم مين“، ان کان به وڌيڪ هڪ سوال جي جواب ۾ هن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن ڪنهن کانئس سوال ڪيو ته ڇا ڪو تنهنجو محبوب آهي؟ ، هن جواب ۾ چيو ته ”مان اڪيلي رهڻ کي ترجيح ڏيان ٿي“.