اسلام آباد (رپورٽ: اعجاز پنهور) سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بئنچ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته لنڊن فليٽن کانسواءِ به اعليٰ عدالت آڏو گهڻو ڪجهه موجود آهي، 2006ع کان اڳ ڇا ٿيو؟ وزيراعظم جي وڪيل کي ٻڌائڻو پوندو، عدالت ڪو به نقطو اڌورو نه ڇڏيندي، ضرورت محسوس ٿي ته ڪنهن کي به نوٽيس جاري ڪنداسين، ڪنهن جي سڄي زندگي جي اسڪروٽني نٿا ڪري سگهون، ٻڌل سڌل ڳالهيون ثبوت ناهن هونديون، شيخ رشيد احمد سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي ته پاناما بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ نواز شريف کي طلب ڪري، جماعت اسلامي به نواز شريف کي طلب ڪرڻ لاءِ الڳ درخواست ڏيڻ جي استدعا ڪري ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ وڪيل ۽ شيخ رشيد احمد پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا، جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ڪالهه به پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پي ٽي آءِ وڪيل نعيم بخاري چيو ته نواز شريف ۽ حسين نواز جي بيانن ۾ تضاد آهي، ڇا آف شور ڪمپني جو بيئرر سرٽيفڪيٽ ڪو پرائيز بانڊ هوندو آهي؟ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته جنهن وٽ سرٽيفڪيٽ هجي ۽ اهو ئي ڪمپني جو مالڪ هجي، جنهن وٽ سرٽيفڪيٽ هجن، انهن جي مالڪ هئڻ بابت قانون تبديل ٿي چڪو آهي، نئين قانون موجب سرٽيفڪيٽ رکڻ واري ڪمپني کي ڪسٽوڊين کي آگاهه ڪرڻ ضروري آهي، مريم نواز وٽ ڪمپنيون خريد ڪرڻ لاءِ ناڻو ئي نه هو، ڪمپنين جي خريداريءَ لاءِ پئسا نواز شريف ئي ڏنا، قانون جي ڊڪشنريءَ مطابق جنهن جا خرچ ڪو ٻيو ڀري، اهو ڪفالت هيٺ هوندو آهي، جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته نواز شريف جي سڌو سنئون ملوث هجڻ جا دستاويز رڪارڊ تي نه آهن، 1993ع ۽ 1996ع ۾ آف شور ڪمپنين لنڊن جا فليٽ خريد ڪيا، شريف ڪٽنب چوي ٿو ته اهي فليٽس انهن 2006ع ۾ ورتا ۽ توهان چئو ٿا ته اڳ ورتا ويا، جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته بخاري صاحب جيڪي ڳالهيون ڪريو پيا، اهي اڳ ئي ٿي چڪيون آهن، نئين ڳالهه تي بحث ڪريو، نعيم بخاري چيو ته شريف خاندان جو چوڻ آهي ته 2006ع کان اڳ بيئرر سرٽيفڪيٽ قطري خاندان وٽ هئا، شريف ڪٽنب کي ثابت ڪرڻو پوندو ته انهن جو هر ڪم قانون مطابق ٿيو آهي، هر ماڻهو چاهيندو آهي ته شاديءَ کانپوءِ سندس ڌيءُ جي ڪفالت مڙس ڪري، رڪارڊ مطابق ڪئپٽن صفدر جي ڪا آمدني نه آهي، نعيم بخاري دليل مڪمل ڪيا ۽ عدالت کان 2 ڪلاڪن جي موڪل ورتي ته کيس چيلهه ۾ سور جي انجيڪشن لڳرائڻ لاءِ وڃڻو آهي، ان بعد شيخ رشيد احمد دليل ڏيڻ شروع ڪيا ۽ چيو ته هڪ طرف مريم نواز چوي ٿي ته سندن آمدني ڪا نه آهي، ٻئي طرف هوءَ امير ترين عورت آهي، هيءُ ڪيس عمران خان، شيخ رشيد يا سراج الحق جو نه آهي، ملڪ جي 20 ڪروڙ عوام جو ڪيس آهي، عدالت کي سڀ خبر آهي، اسين ته صرف عدالتي معاونت لاءِ آيا آهيون، ملڪ سپريم ڪورٽ کي ڏسي پيو، توهان درست رستي تي لائي سگهو ٿا، شيخ رشيد چيو ته منهنجو ڪو ٻار ناهي، سڄي قوم منهنجي فيملي آهي، آئون هنن سان حڪومتن ۾ رهيو آهيان، خبر آهي ته ڪيئن هي ڪاغذ ٺاهي وٺندا آهن، مريم نواز جي ڪفالت هيٺ آهي ۽ وزيراعظم ان جون ڪمپنيون لڪايون، پاناما ليڪس کانپوءِ ٻين ملڪن ۾ پئسا واپس ٿيا پر هتي ملڪ جو ٽاپ ماڻهو ملوث آهي، نواز ان ڪري مريم کي پئسا ڏنا جو کيس خبر هئي ته اها ئي سنڀاليندي، ائين پئسا رکڻ مشڪل آهي، رقمون لڪائڻ لاءِ ماهرن جون خدمتون ورتيون وينديون آهن، 7 ڏهائي 5 ارب ڊالر پرڏيهه منتقل ٿيڻ جو انٽرويو ٻڌي افسوس ٿيو، اهو پئسو ملڪ جو آهي، شيخ رشيد چيو ته اسان قطري نالو پهريون ڀيرو هيليڪاپٽر ڪيس ۾ ٻڌو، پورٽ قاسم ۾ به هنن جو ڪردار آهي، جسٽس آصف سعيد کوسا پڇيو ته ڇا اهو به حمد بن جاسم هو؟ شيخ رشيد چيو ته ها اهو ئي مين آف دي ميچ هو، قطري ليٽر هڪ ٽشو پيپر کان وڌيڪ نه آهي، نواز شريف پاناما ۾ سڌو سنئون ملوث آهي، وڏا ماڻهو آئين جي دائري ۾ نه ٿا اچن ۽ موبائيل چور جيل ۾ آهن، اسحاق ڊار اربين رپيا مني لانڊرنگ ڪيا، 1980ع ۾ هڪ درهم جي قيمت 2 رپيا 60 پئسا هئي ۽ 12 ملين درهمن هنن جي زندگي ئي تبديل ڪري ڇڏي؟ قطري خط ۾ ٻڌل ڳالهيون آهن ۽ ڪو ثبوت نه آهي، شيخ رشيد چيو ته ڪيس پويان اصل چهرو سيف الرحمان جو آهي، حضرت عمر رضه کي به ماڻهن روڪي ورتو هو ۽ پڇيو هو ته هڪ چادر مان لباس ڪيئن ٺهرايو؟ جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته ان اهو نه چيو ته ثابت ڪرڻ جو بار الزام هڻندڙ تي آهي، شيخ رشيد چيو ته التوفيق ڪيس ۾ هنن ڏوهه تسليم ڪيو ۽ پئسا ادا ڪرڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو، 9 مهينا ٽي او آرز ۾ لڳايا پر پوءِ به ناڪام رهيا، نيب حديبيا پيپرز ملز ڪيس ۾ اپيل ڪري ها ته اڄ هتي نه اچون ها،شيخ رشيد احمد وڌيڪ دليل ڏيندي چيو ته قطري نواز شريف کي چونڊن ۾ به مدد ڪندا آهن، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته شيخ صاحب قانوني ڳالهين تي اچو، شيخ رشيد چيو ته نواز شريف جي بيان ۽ تقريرن ۾ الثاني خاندان جو ڪو ذڪر نه آهي، 34 ملين ڊالر قرض ڏيندڙ به عرب نڪرندو، هن عدالت کي استدعا ڪئي ته اسحاق ڊار کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، هو اڳ ئي ڪيس ۾ ڌر آهي، شيخ رشيد دليل ڏيندي چيو ته فيبروري 2006ع ۾ مريم نواز ٽرسٽ ڊيڊ تي لنڊن ۾ صحيحون ڪيون، شاهد طور ڪئپٽن صفدر صحيح ڪئي، ڊيڊ تي حسن نواز سان گڏ شاهد وقار جي صحيح ۾ فرق آهي، يقين آهي ته صحيحون نوٽري جي سامهون نه ڪيون ويون، جسٽس آصف سعيد کوسا پڇيو تي سفارتخاني مان تصديق ڪرائي وئي؟ شيخ رشيد چيو ته هڪ لنڊن ۾ ٻيو جده ۾ هجي ته تصديق ڪيئن ٿيندي؟ جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته جنهن سيل ڊيڊ جو ذڪر اوهان ڪريو ٿا اها نيلسن ۽ نيسڪول جي نه آهي، ڇا منڊيءَ ۾ ڪا ملڪيت بنا رجسٽري وڪرو ٿي سگهي ٿي؟ شيخ رشيد چيو ته هڪ سائيڪل به شاهدي کانسواءِ وڪرو نه ٿيندي آهي، الله سائين نوان رستا ڏيکارڻ لاءِ غلطيون به ڪرائيندو آهي، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته جيڪڏهن ٻئي ڌريون صحيحون ڪندڙ ٽرسٽ ڊيڊ کي مڃين ٿيون ته پوءِ صورتحال ڇا هوندي؟ شيخ رشيد چيو ته منهنجو ايمان آهي ته توهان کي دستاويزن جي حقيقتن بابت خبر آهي، 19 سالن جي عمر ۾ اسان جي ٻارن جا شناختي ڪارڊ به نٿا ٺهن، شريف خاندان جا ٻار ارب پتي بڻجي ٿا وڃن، طارق شفيع ٻڌايو ته 12 ملين درهم وٺي ڏئي ڇڏيا، جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته پر ڪنهن کي ڏنا ويا؟ اهو نه ٻڌايو ويو ته شيخ رشيد ٻڌايو ته 1980ع ۾ دبئي ۾ 31 بئنڪون هيون، ٻڌايو وڃي ته ڪنهن بئنڪ جي رقم منتقل ڪئي، شريف ڪٽنب ٻڌائي ته 1980ع کان 2006ع تائين پئسا ڪٿي رکيا ويا؟ اهو چوڻ درست ناهي ته دبئي ۾ ڪاروبار گڏهن تي ٿيندو هو، جده ملز ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن مسلمان جو نالو شريف خاندان ٻڌائي، مستري ۽ مزدور طبقي ملڪ کي نقصان نه پهچايو، پر طاقتور ماڻهن پهچايو آهي، سپريم ڪورٽ نواز شريف کي طلب ڪري ۽ مني ٽريل ٻڌايو وڃي ته به ڪيس ختم آهي، وڏن ماڻهن جي اولاد ملڪ کي تباهه ڪيو، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته وڏي ننڍي جي ڳالهه نه ڪريو، اسان آڏو سڀ برابر آهن، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته سياسي مخالف ورهايل هجن ته انصاف اهو ئي لڳندو آهي، جيڪو حق ۾ هجي، مرضي جو فيصلو نه اچي ته ناانصافي لڳندي آهي، شيخ رشيد استدعا ڪئي ته عدالت پاناما تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته اسان وٽ درخواستون اچي چڪيون آهن، ڪيس ٻڌون پيا ته فيصلو به ڪنداسين، پاڻمرادو نوٽيس جي ضرورت ناهي، شيخ رشيد جا دليل مڪمل ٿيا ته جماعت اسلامي جو وڪيل پيش ٿيو، جسٽس آصف سعيد کوسا پڇيو ته جماعت اسلامي ۽ طارق اسد جون درخواستون مختلف آهن، اسين نه ٿا چاهيون ته 2 الڳ الڳ ڪيس گڏجي وڃن، جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته اسين عمران خان ۽ شيخ رشيد جي درخواستن جي تائيد ڪريون ٿا، چاهيون ٿا ته ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿئي، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته توهان ته پاناما ۾ آيل نالن کي ڌر نه ڪيو آهي، وڪيل چيو ته چاهيون ٿا ته ڪميشن ٺهي ۽ سڀني جي جاچ ٿئي، نواز شريف جي ڪرپشن تي به عدالتي معاونت ڪندس، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته توهان نواز شريف کي به ڌر نه بڻايو آهي، جسٽس گلزار احمد چيو ته توهان جي درخواست عام نوعيت جي آهي، جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته عدالت اڳ ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته عدالت قرار ڏنو هو ته ضرورت محسوس ٿي ته ڪميشن ٺاهينداسين، توهان جي درخواست به ضرور ٻڌنداسين، وڪيل چيو ته اسان نواز شريف کي طلب ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته هن کي ڌر ئي نه ڪيو اٿو ته ڪيئن سڏايون؟ ڪم جي ڳالهه ڪريو، تنگ نه ڪريو، وڪيل چيو ته عدالت چاهي ته درخواست ۾ ترميم ڪري سگهون ٿا، جسٽس گلزار احمد چيو ته ترميم لاءِ درخواست واپس وٺڻي هوندي، جماعت اسلامي جي وڪيل نئين درخواست ڏيڻ لاءِ استدعا ڪئي، جسٽس اعجاز افضل چيو ته نئين درخواست لاءِ اجازت جي ضرورت نه آهي، وزيراعظم جي وڪيل مخدوم علي خان پيش ٿيندي چيو ته وقت گهٽ آهي، عدالت چاهي ته سڀاڻي دليل شروع ڪريان؟ جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته اڄ وارم اپ ڪري وٺو، وزيراعظم جي وڪيل چيو ته پاڻ کي صرف وزيراعظم تائين محدود رکندس، وزيراعظم، اسحاق ڊار ۽ ڪئپٽن صفدر کي نااهل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، ڌرين کان ٽيڪس وصولي جي استدعا به ڪئي وئي آهي، پر ٽيڪس ڪنهن کان وصول ڪرڻو آهي؟ اهو ناهي ٻڌايو ويو، پي ٽي آءِ ميگا ڪرپشن ڪيسن جي جاچ لاءِ استدعا ڪئي، جيڪي اڳ ئي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، پي ٽي آءِ درخواست ۾ وزيراعظم ۽ ڪٽنب جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ چيو پر دليلن ۾ ڪو ذڪر نه ڪيو، جنهن استدعا تي زور نه ڏنو وڃي، اها پاڻ ئي ختم ٿي ويندي آهي، ان بابت قانون موجود آهن، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته اسان پي ٽي آءِ کي لنڊن فليٽن تائين محدود رکڻ جو چيو هو، ڪنهن جي پوري زندگي جي ڇنڊ ڇاڻ نه ٿا ڪري سگهون، توهان هن ڪيس ۾ دير سان شامل ٿيا ته شايد خبر نه هوندي، مخدوم علي خان چيو ته عدالتي فوڪس پاناما آهي، جنهن ۾ نواز شريف جو نالو نه آهي ته آئون ڇا ڪريان، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته لنڊن فليٽس کانسواءِ به عدالت آڏو گهڻو ڪجهه آهي، 2006ع کان اڳ ڇا ٿيو؟ توهان کي سڀ ٻڌائڻو پوندو، وڪيل چيو ته شهباز شريف، عباس ۽ رابعا شهباز جو نالو به ورتو ويو، تاثر ڏنو ويو ته سڄي خاندان گڏجي ڦريو آهي، هيءُ پورو خاندان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته پنهنجي موڪل نواز شريف تائين محدود رهو، وڪيل چيو ته اهڙا نالا کنيا ويا، جيڪي ڌر به نه آهن، درخواستگذار سڄو وزن عدالت مٿان وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته عدالت جڏهن ضرورت محسوس ڪئي، جنهن کي چاهي نوٽيس جاري ڪندي، ڪو به نقطو اڌورو نه ڇڏينداسين، وڌيڪ ٻڌڻي اڄ ٿيندي