اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجا آصف 6 جنوري تي هڪ خانگي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته راحيل شريف جي مسلم اتحادي فوج جي سربراهه طور مقرري جا مامرا 3 ڏينهن اڳ طئي ٿي چڪا آهن پر تفصيلن جو علم ناهي، ان ڪري وڌيڪ ڪمينٽس نه ڏيندس، هن وڌيڪ چيو هو ته مامرا طئي ڪرڻ ۾ اسان جي حڪومت جي مرضي شامل هوندي ۽ اها سموري ڪليئرنس کانپوءِ ئي ٿيندي آهي، هوڏانهن ڪالهه خانگي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون وٽ تفصيل نه هئا، 7 جنوري تي راحيل شريف عمري کان واپس اچي چڪو آهي، اسان سان نه سعودي حڪومت رابطو ڪيو آهي ۽ نه راحيل شريف رابطو ڪيو آهي، جڏهن ته کيس آفر ٿيندي ته هو لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪندو، اسلامي اتحاد بابت موقف سينيٽ ۾ ٻڌائي ڇڏيو آهي