لاهور (بيورو رپورٽ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقيءَ جو رستو روڪيندڙن کي جواب ڏيڻو پوندو، اهي ڪيترو به ترقيءَ جو رستوروڪين اسان ملڪ جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين، نئون پاڪستان ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪندڙ ڪجهه به نه پيا ٺاهين، اسان خيبرپختونخوا ۾ به موٽر وي ٺاهي رهيا آهيون، ڪالهه تاريخي ماڳ ڪٽاس راج ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون سمورن پاڪستانين جو وزيراعظم آهيان، صرف مسلمانن جو وزيراعظم ناهيان، هن چيو ته ڪير ڪيتري به ڪوشش ڪري اسان ترقيءَ جي راهه تان هٽڻ وارا ناهيون، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين، اسان ڪراچي کان لاهور موٽر وي ٺاهي رهيا آهيون، ڪير ڪراچي مان هلندو ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي پشاور پهچي ويندو، هن چيو ته هتي ماڻهو هڪٻئي مٿان گند اڇلائڻ ۾ لڳل آهن، شام ۽ رات جو ٽي وي چئنل ڏسو ته اتي ڪيئن ٿي ماڻهن جي مٽي پليت ٿئي، ڪيئن هڪٻئي تي گند اڇلايو پيو وڃي، الزامن مٿان الزامن جي سياست ۾ به ڪجهه اهڙا ماڻهو اچي ويا آهن، جيڪي روز نئون ڪوڙ ڳالهائين ٿا، روز نئون الزام لڳائين ٿا، کين بهتان هڻڻ تي ڪجهه ٿئي به نٿو، هن چيو ته اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي، جنهن تي ماڻهو پاڻ به عمل نه ڪري سگهي، هن چيو ته تبديلي جا دعويدار ڪجهه به نه پيا ڪن، جيڪڏهن اهي چاهين ته اسان ترقياتي ڪمن جي تختين تي انهن جا نالا لکي ڇڏينداسين، تقريب کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف هندن جي مقدس ماڳ امرت جل ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽ جو افتتاح پڻ ڪيو