اسلام آباد (رپورٽ: قربان بلوچ)) اي سي سي ايندڙ 18 مھينن دوران نيلم جھلم ھائيڊرو پاور منصوبي لاءِ سرچارج جي مد ۾ بجلي صارفين کان 9 ارب رپيا اوڳاڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.پيرائتي خبر مطابق ڪالھ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪاميٽي ايڪسپورٽرن لاءِ 180 ارب رپين جي ماليت جي وزيراعظم پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، جيڪو اڄ کان 30 جون 2018ع تائين عمل جوڳو رھندو، ڪاميٽي جي فيصلي مطابق مالي سال 18-2017ع دوران مراعتي پئڪيج مان فقط اھي ايڪسپورٽ فائدو حاصل ڪري سگھندا، جيڪي ھلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ ايڪسپورٽ ۾ 10 سيڪڙو واڌ حاصل ڪندا.اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي سفارش تي بجلي صارفين کان نيلم جھلم ھائيڊرو پاور منصوبي لاءِ 10 پئسا في يونٽ 30 جون 2018ع تائين توسيع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آھي، جنھن جو مدو 31 ڊسمبر 2016ع تائين ختم ٿي ويو آھي.ڪاميٽي جي فيصلي مطابق نيلم جھلم ھائيڊرو پاور سرچارن جي ايندڙ 18 مھينن دوران اوڳاڙي جي مد ۾ 9 ارب رپيا حاصل ڪندا، جيڪي بجلي صارف بجلي بلن ۾ ادا ڪندا، ڪاميٽي واپڊا پاران پنجاب حڪومت کي ھائيڊل منافعي جي دعوائن جي ادائگي لاءِ ناڻي وزارت پاران رياستي ضمانت ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي آھي