اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ٿرڪول اٿارٽي ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري اسپيشل انيشيئيٽو کي طلب ڪندي چيو آهي ته عدالت کي اچي ٻڌايو وڃي ته ان کاتي جا ڪهڙا ڪم آهن؟ ان کاتي جي منصوبن جي فهرست به پيش ڪئي وڃي، عدالت بدين، ٿرپارڪر، ٺٽي ۽ عمرڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن کي هدايت ڪئي آهي ته چئني ضلعن ۾ ٿرڪول اٿارٽي جي لڳايل پاڻي صاف ڪرڻ وارن پلانٽن بابت جائزو وٺي رپورٽ اعليٰ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، عدالت مائنز ۽ منرل کاتي جي آفيسر عارف حسين لغاري کي اڄ تائين پوسٽنگ ڏيڻ جو به حڪم ڏنو آهي، جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ڪالهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس امير هاني مسلم ٿرڪول اٿارٽي جي اڳوڻي ماهر عارف حسين کان پڇيو ته توهان چئو ٿا ته سڀ پلانٽ هلندڙ آهن، پر هتي اسان وٽ ٻيون رپورٽون اچن ٿيون، عارف حسين چيو ته مون ٻڌو هو ته ڪل 112 پلانٽ آهن، جن مان 107 فنڪشنل آهن، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته اسين توهان جو بيان رڪارڊ ڪنداسين ۽ ان جي نتيجي ۾ توهان جيل به وڃي سگهو ٿا، جيڪو به ڪاغذن ۾ لکي ڏنو وڃي ٿو، اسان کي ان تي يقين نه آهي، توهان ٻڌايو ته ڪيس اسين ٻڌون يا نيب کي موڪلي ڏيون، پاڻي صاف ڪرڻ جا پلانٽ هلن ها ته سنڌ ۾ تباهي نه اچي ها، شڪارپور ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نه آهي، ماڻهو جر جو پاڻي ٿا پيئن، اها دردناڪ حالت آهي ته سيوريج جو پاڻي پيئڻ جي پاڻي ۾ ملي ويو آهي، ڪير ذميوار آهي؟سڀ کان پهرين حڪومت ذميوار آهي، پوءِ اهي وڏا وڪيل هتي اچي پيش ٿين ٿا، اهو انساني حقن جو معاملو آهي، عدالت کي خاطري ڪرايو ته پاڻي منصوبن لاءِ جيڪي پئسا جاري ٿيا اهي استعمال ڪيا ويا، توانائي کاتي جي سيڪريٽري پيش ٻڌايو ته اسپيشل انيشيئيٽو کاتو منصوبن کي ڏسي پيو، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته ان کاتي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اهڙا ڪم ته ٻين کاتن جا به آهن، ايڊيشنل سيڪريٽري سروسز ٻڌايو ته مارچ 2015ع ۾ سنڌ حڪومت جي رولز آف بزنس ۾ ترميم کانپوءِ اهو کاتو وجود ۾ آيو، ڪجهه روڊن جا منصوبا ۽ ڪجهه ٻيا منصوبا ڏسي پيو، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته روڊ ٺاهڻ ”خصوصي قدم“ آهن؟ ڇا پوري پاڪستان ۾ ڪٿي اهڙو کاتو آهي؟ عدالت آڏو سڀ تفصيل پيش ڪريو ته ان کاتي ڪهڙا ڪم ڪيا؟ ائين رولز آف بزنس ۾ ترميم ٿئي ٿي، اڃا ڇا ڇا اسپيشل ٿيندو؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته انٽرنيٽ تي ان کاتي جا فنڪشن ڏسو، عدالت کي ٻڌايو ويو ته اڃا ان بابت انٽرنيٽ تي ڪجهه نه آهي، عدالت چيو ته ايترو ڪجهه ڪم آهي؟ جسٽس امير هاني مسلم چيو ته فائر برگيڊ ۽ جهاز خريد ڪرڻ لاءِ کاتو ٺاهيو ويو آهي، پاڻي پلانٽن جي ٺيڪيدارن ٻڌايو ته کين مرمت ۽ سارسنڀال جا پئسا سنڌ حڪومت ادا نه ڪيا آهن، عدالت حڪم ڏنو ته پئسا جاري ڪيا وڃن، چئني ضلعن ۾ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج پلانٽ ڏسن، سنڌ ڪول جو سيڪريٽري ججن جي معاونت لاءِ آفيسر مقرر ڪري، پلانٽ خاص قدمن واري کاتي کي ڏيڻ سمجهه ۾ نه آيو! نئين کاتي جي ڪمن بابت ايڊيشنل سيڪريٽري سروسز به عدالت کي نه ٻڌائي سگهيو، ايڊووڪيٽ جنرل پيش ٿئي ۽ ان بابت اچي ٻڌائي