اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اختيارن جي منتقلي بابت ڪاميٽي 18هين آئيني ترميم تحت صوبن کي اختيارن جي منتقلي ۾ وفاقي حڪومت کي غيرسنجيده قرار ڏيندي ريگيوليٽري اٿارٽين کي وزارتن جي ماتحت ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي آئين جي سراسر خلاف ورزي قرار ڏيندي وفاقي حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻ ۽ ريگيوليٽري اٿارٽين کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ماتحت ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.