اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته دهشتگردي خلاف آپريشن کي ڪامياب قرار ڏيڻ بعد فوجي عدالتن جي ٻيهر قيام جو ڪو جواز نٿو ٿئي پر فيصلو حڪومت ۾ سياسي پارٽين کي ڪرڻو آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه اجلاس دوران رمارڪس ڏيندي ڪيو، سينيٽ جي اجلاس دوران پ پ جي فرحت الله بابر فوجي عدالتن جي ٻيهر قيام جي ڪوششن بابت ڳالهائيندي چيو ته فوجي عدالتون 7 جنوري تي ختم ٿي چڪيون آهن، خيال ٿيو ته فوجي عدالتن وٽ رهيل ڪيس عدليا کي اماڻيا ويندا، جنهن تي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته فوجي عدالتن جا ڪيس ٻين عدالتن کي منتقل ٿي ويا هوندا، جنهن تي پ پ جي فرحت الله بابر چيو ته ڪيس منتقل نه ٿيا آهن.