ڪراچي (رپورٽ: شڪيل سومرو) سنڌ جو گورنر جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي ڊگهي علالت کانپوءِ 79 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، گورنر سنڌ جي جنازي نماز ۽ تدفين جمعي ڏينهن ٿيندي، گورنر هائوس جي ترجمان موجب گورنر سنڌ جي ڪالهه اُوچتو طبيعت خراب ٿي، کيس ڇاتي ۾ تڪليف ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هُئي، کيس فوري طور تي ڪراچي جي خانگي اسپتال نيو ويو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو، گورنر سنڌ گذريل ڪيتري عرصي کان بيمار هو، سندس ڇاتي ۾ انفيڪشن هُجڻ ڪري ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هُئي. گورنر سنڌ عهدي جو حلف کڻڻ بعد مسلسل علاج هيٺ رهيو. ڊگهي عرصي تائين گورنر جي عهدي تي رهندڙ ڊاڪٽر عشرت العباد کي گورنر جي عهدي تان هٽائڻ کانپوءِ 11 نومبر 2016ع تي سندس جاءِ تي کيس سنڌ جي 31 هين گورنر طور مقرر ڪيو ويو. جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي گورنر هائوس ۾ گورنر جي عهدي جو حلف کڻڻ جي ٻئي ڏينهن تي ڇاتي ۾ تڪليف وڌي وڃڻ ڪري کيس ڪراچي جي خانگي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي هو ڪيترن ڏينهن تائين آءِ سي يو وارڊ ۾ علاج هيٺ رهيو، سندس طبيعت بهتر ٿيڻ کانپوءِ کيس اسپتال مان گورنر هائوس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي پر اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کانپوءِ به گورنر سنڌ گورنر هائوس ۾ مسلسل علاج هيٺ رهيو ۽ طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو. گورنر هائوس جي ترجمان موجب ڊگهي علالت کانپوءِ لاڏڻو ڪري ويل سنڌ جي گورنر جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي جي جنازي نماز جمعي ڏينهن پولوگرائونڊ يا گورنر هائوس مان ڪنهن به هڪڙي هنڌ تي ادا ڪئي ويندي. گورنر سنڌ کي ذريعن جو چوڻ آهي ته مڪمل سرڪاري اعزاز سان دفنايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گورنر سنڌ جي جنازي نماز ۾ جيڪڏهن وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر پاڪستان سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪرڻ جو ارادو ظاهرو ڪيو ته پوءِ سيڪيورٽي خدشن سبب گورنر سنڌ جي جنازي نماز گورنر هائوس ۾ ادا ڪئي ويندي. گورنر سنڌ جي تدفين جي حوالي سان آخري اطلاعن تائين قبرستان جو فيصلو نه ٿي سگهيو هو پر وڌيڪ امڪان اهو آهي ته کيس گذري جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي پهرين ڊسمبر 1937ع تي هندستان جي شهر لکنؤ ۾ پيدا ٿيو، 1954ع ۾ هُن ڍاڪا يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي. ڪراچي يونيورسٽي مان 1958ع ۾ وڪالت جي تعليم حاصل ڪئي. جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي پهرين جولاءِ 1999ع کان 26 جنوري 2000ع تائين چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي تي رهيو. اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ هُن پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. 2008ع جي صدارتي چونڊن ۾ نواز ليگ جي ٽڪيٽ تي هن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي مقابلي ۾ صدارتي چونڊن ۾ حصو ورتو هو، جنهن ۾ هو ڪامياب نه ٿي سگهيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي اڳوڻي آمر جنرل ضياءَ الحق جي دورِ حڪومت ۾ پي سي او تحت حلف کنيو هو. ٻئي پاسي صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف، سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مُراد علي شاهه سميت مختلف سياسي اڳواڻن، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن گورنر سنڌ، سڌ سماءُ بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيو  جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي