ڪراچي: جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي گورنر سنڌ عهدي جو حلف کڻڻ بعد مسلسل علاج هيٺ رهيو. ڊگهي عرصي تائين گورنر جي عهدي تي رهندڙ ڊاڪٽر عشرت العباد کي گورنر جي عهدي تان هٽائڻ کانپوءِ 11 نومبر 2016ع تي سندس جاءِ تي کيس سنڌ جي 31 گورنر طور مقرر ڪيو ويو. جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي گورنر هائوس ۾ گورنر جي عهدي جو حلف کڻڻ جي ٻئي ڏينهن تي ڇاتي ۾ تڪليف وڌي وڃڻ ڪري کيس ڪراچي جي خانگي اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي هو ڪيترن ڏينهن تائين آءِ سي يو وارڊ ۾ علاج هيٺ رهيو، سندس طبيعت بهتر ٿيڻ کانپوءِ کيس اسپتال مان گورنر هائوس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي پر اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کانپوءِ به گورنر سنڌ گورنر هائوس ۾ مسلسل علاج هيٺ رهيو ۽ طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو. گورنر سنڌ 11 نومبر کان گورنر جي عهدي جو حلف کڻڻ کان وٺي وفات واري ڏينهن تائين اٽڪل ٻن مهينن جي عرصي دوران هڪڙو ڏينهن به اپيڪس ڪاميٽي سميت ڪنهن به سرڪاري اجلاس ۾ نه ته شريڪ ٿي سگهيو ۽ نه وري ڪنهن اجلاس جي صدارت ڪري سگهيو. گورنر سنڌ عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ به بيماري سبب مزار قائد تي حاضري نه ڀري سگهيو