اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته اسان جي اوليت آهي ته پنجاب مان چونڊ کٽي اتي عوام سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪريون، گجرانوالا ڊويزن جي اڳواڻن کي ملاقات دوران خطاب ڪندي ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي غريب عوام ۽ روشن خيالن جي پارٽي آھي، روٽي، ڪپڙا، مڪان، تعليم ۽ صحت توڙي تحفظ امن سڀني لاءِ اسان جو منشور آھي، عوام ان وقت خوشحال ٿيندو جڏھن ان کي روزگار جا موقعا حاصل ٿيندا، ھن وڌيڪ چيو ته شھيد بينظير ڀٽو غريب عوام جي ٻارن کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون ته ان خلاف ڪيس قائم ڪيا ويا، ھن جڏھن غربت، جھالت ۽ شدت پسندي کي ختم ڪرڻ چاھيو ته ان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اسان جو عوام سان اڻٽٽندڙ رشتو آھي، پارٽي چئن صوبن مان چونڊون کٽي شھيد بينظير جو پاڪستان ٺاھيندي، جتي عورت جو احترام ھوندو، غير مسلم وطن واسين جو مڪمل تحفظ ھوندو، نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا حاصل ھوندا، مزدورن ۽ آبادگارن کي محنت جو ڦل ملندو.ھن چيو ته اھو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ويزن ھو جو گوادر بندرگاھ چين حوالي ڪيو ويو، چين اقتصادي راھداري به ان جو منصوبو آھي.ھن عزم ڪيو ته رات ڏينھن محنت ڪري ن ليگ کي چونڊن ۾ شڪست ڏئي پنجاب ۾ جيالن جي حڪومت قائم ڪندو، پارٽي ترجمان مطابق ان موقعي تي چڪوال جي نامياري سياسي اڳواڻ سردار اظھر عباس چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آھي