اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو)دفاع جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته رٽائرڊ فوجي آفيسرن لاءِ ٻيهر نوڪري ڪرڻ لاءِ دفاع جي وزارت کان اين او سي حاصل ڪرڻ ضروري آهي، اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف 39 اسلامي ملڪن جي اتحاد جي سربراهي بابت اين او سي لاءِ دفاع وزارت توڙي جي ايڇ ڪيو سان ڪو رابطو نه ڪيو آهي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي پارٽين اڳوڻي آرمي چيف جي اسلامي ملڪن جي فوجي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي سخت مخالفت ڪري ڇڏي آهي، ڪالهه سينيٽ جو اجلاس رضا رباني جي صدرت ۾ ٿيو، جنهن ۾ دفاع جي وفاقي وزير خواجا آصف اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي اسلامي ملڪن جي فوجن جي اتحاد جي سربراهه طور مقرري واري مامري تي پاليسي بيان ڏيندي چيو آهي ته ايڪسٽرا ڪوڊ ۽ وزارت دفاع جي 1998ع ۾ جاري ڪيل سرڪيولر تحت ڪنهن به رٽائرڊ آرمي آفيسر کي رٽائرڊ ٿيڻ بعد ٻيهر نوڪري لاءِ دفاع وزارت کان اين او سي (اجازت) وٺڻي آهي، ٻيهر نوڪري لاءِ اهڙي اين او سي گهربل هوندي آهي، هن چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف دفاع واري وزارت سان اين او سي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو رابطو نه ڪيو آهي، ٻيهر نوڪري لاءِ اين او سي ضروري هوندي آهي، دفاع واري وزارت رٽائرڊ آرمي آفيسرن لاءِ ٻيهر نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن رولز ٺاهيا، اهي ملڪ اندر ٻيهر نوڪري حاصل ڪرڻ جنهن ۾ سفير، ڪنهن ڪارپوريشن جو سربراهه مقرر ٿيڻ، صلاحڪار يا ڪنسلٽنٽ طور مقرر جي مقرري لاءِ هئا، جنهن لاءِ اين او سي ضروري آهي، ان وقت اهو خيال نه ڪيو ويو هو ته رٽائرڊ آرمي آفيسر ڪو ٻاهر نوڪري لاءِ به اين او سي وٺندو پر ملڪ اندر رٽائرڊ فوجي آفيسر لاءِ اين او سي ضروري آهي ته ملڪ کان ٻاهر ٻيهر نوڪري لاءِ به اين او سي وٺي، هن چيو ته اڳوڻي آرمي چيف اڃا تائين اين او سي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو رابطو نه ڪيو آهي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني دفاع واري وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف وزارت دفاع کان اين او سي نه ورتي هجي ۽ هن پنهنجي پيرنٽ اداري آرمي کان اجازت گهري هجي، جنهن تي خواجا آصف چيو ته جنرل راحيل شريف آرمي کان به اجازت نه گهري آهي، جنرل رٽائرڊ راحيل شريف سعودي بادشاهه جي دعوت تي عمري لاءِ سعودي عرب ويو هو، هو ان مقصد لاءِ سعودي نه ويو هو، جنهن مقصد لاءِ ميڊيا ۾ خبرون اچي رهيو آهن، هن ٻڌايو ته راحيل شريف عمري تي وڃڻ لاءِ ٻڌائي ويو هو، هو عمرو ادا ڪري واپس به اچي چڪو آهي پر واپس اچڻ بعد به نه وزارت ۽ نه ئي جي ايڇ ڪيو سان رابطو ڪيو آهي نه ئي ان پاران اهڙي آفر هجڻ ۽ ان لاءِ اين او سي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني دفاع وزير کي چيو ته اوهان ٻڌايو ته رٽائرڊ آرمي آفيسرن لاءِ ٻيهر ملڪ اندر نوڪري حاصل ڪرڻ بابت رولز آهن، پرڏيهه ۾ نوڪري وارو مامرو رولز ۾ شامل نه آهي، ڇا رولز ۾ ترميم ڪرڻ تي غور ڪيو پيا، جنهن تي خواجا آصف چيو ته غيرملڪي نوڪري لاءِ به اين او سي ضروري قرار ڏيڻ لاءِ رولز ۾ ترميم ڪئي ويندي، جنهن بعد سينيٽ چيئرمين خواجا آصف کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن اڳوڻي آرمي چيف پاران اين او سي حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست اچي ۽ سينيٽ جو اجلاس هلندڙ هجي ته ايوان کي ضرور آگاهه ڪيو وڃي، جيڪڏهن سينيٽ جو اجلاس نه هجي ته ان بعد سينيٽ جي شروع ٿيندڙ اجلاس ۾ آگاهي ڏني وڃي، جنهن بعد پرڏيهي مامرن جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته اڳوڻي آرمي چيف کي اڃا آڇ نه ٿي آهي، ان ڪري پرڏيهي پاليسي تي اثر مرتب نٿا ٿين، اهڙو مامرو سامهون ايندو ته پرڏيهي پاليسي تي ان جا ڪهڙا اثر پوندا؟ ان بابت بيان ڏيندس، ايوان ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ حڪومت سوڌو سمورين سياسي پارٽين اسلامي ملڪن جي فوجي اتحاد ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو، جيڪڏهن اڳوڻي آرمي چيف جي اتحاد ۾ مقرري ٿي ته ان جا خراب نتيجا نڪرندا، اسلامي ملڪن جي فوجن جو اتحاد ظاهري طور تي ته دهشتگردي خلاف آهي پر 4 شيعا ملڪن کي اتحاد مان ڪڍيو ويو آهي، ان ڪري ان اتحاد کي فرقيواريت جو اتحاد سمجهيو پيو وڃي، جيڪڏهن ايران اتحاد ٺاهيو ۽ ان ۾ ڪو پاڪستان جو فور اسٽار جنرل وڃي ته ڪهڙي صورتحال ٿيندي؟ هن چيو ته جنرل راحيل شريف وڏو نالو ڪمايو آهي، ان جي وڏي عزت آهي، کيس هن ڪم ۾ نه پوڻ گهرجي، نه ته جنرل رٽائرڊ راحيل شريف پاران پنهنجي رٽائرمينٽ کان 10 مهينا اڳ نوڪري ۾ توسيع نه وٺڻ واري اعلان کي ماڻهو پيغام سمجهندا، تحريڪ انصاف جي اعظم سواتي چيو ته هن مامري جي اثرن کي حڪومت کي ڏسڻ گهرجي، گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس جي فيصلي بعد جنرل رٽائر راحيل شريف لاءِ ان اتحاد ۾ شامل ٿيڻ بهتر نه ٿيندو، ان اڃا عدت جو وقت به پورو نه ڪيو آهي، اهو عمل حڪومت لاءِ به سٺو نه هوندو، اي اين پي جي الياس بلور چيو ته جيڪڏهن خدا نه خواسته جنرل رٽائر راحيل شريف اتحاد جو حصو ٿيو ۽ هن اهڙي اجازت وٺي نوڪري ورتي ته پاڪستان شام ٿي ويندو، تحريڪ انصاف جي محسن عزيز چيو ته جنرل رٽائر راحيل شريف پنهنجي اداري کي وڏي عزت ڏني ۽ هڪ رخ اختيار ڪيو، هن دهشتگردي خلاف خدمتون ڏنيون، توسيع نه ورتي، اڃا اسلامي ملڪن جو اتحاد قائم نه ٿيو آهي نه ئي ان جا ٽي او آر تيار ٿيا آهن، راحيل شريف سٺو پاڪستاني آهي، هو اسان وانگر سوچندو جيستائين مامرا سامهون نه اچن، ان تي ڳالهائڻ مناسب نه آهي، وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ چيو ته مفروضن تي ڳالهائڻ سٺي ڳالهه نه آهي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ان مٿان ناراضگي ظاهر ڪندي چيو ته آئون سمجهان ٿو ته ايوان ڪئين هلايو وڃي، اوهان جي ٻڌائڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، پ پ جي تاج حيدر چيو ته جنرل رٽائر راحيل شريف عدت جا ٻه سال پورا نه ڪيا آهن، هو اها نوڪري نٿو ڪري سگهي