اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد جي صحت کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ٻنهي ضلعن جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججن کي حڪم ڏنو آهي ته ڀرتين جي الزامن بابت  جاچ ڪري 3 هفتن ۾ رپورٽ سپريم ڪورٽ کي پيش ڪئي وڃي، عدالت اها به هدايت ڪئي آهي ته ٻنهي ضلعن ۾ موجود سرڪاري اسپتالن ۽ صحت جي سهولتن بابت به انسپيڪشن ڪري  رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هڪ خاڪروب طور ڀرتي ٿيل 17هين گريڊ ۾ ڪيئن پهچي ويو؟ اتي سڀ خاڪروب 18هين گريڊ جا آفيسر ٿي ويا آهن، اسين هي ڪيس نيب کي ٿا موڪليون، سنڌ حڪومت کي سهولت ٿيندي ۽ وڏي وزير جو ڀرم به رهجي ويندو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ڇا سنڌ حڪومت صوبي جي عوام سان نفرت ڪري ٿي؟ اعليٰ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سيڪريٽري صحت سنڌ کي طلب ڪري ورتو آهي، جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ڪالهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته سيڪريٽري صحت سنڌ پيش نه ٿيو آهي، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته رپورٽ اڄ پيش ڪئي آهي، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته اقبال احمد اسٽيٽيڪل آفيسر ڪير آهي؟، 2001ع ۾ خاڪروب طور ڀرتي ٿيو؟، 17هين گريڊ ۾ ڪئين پهتو، اهو طريقو ٻڌايو؟ 5 مهينن ۾ کيس پهرين گريڊ مان ترقي ڏئي ٻئي گريڊ ۾ ڪيئن ڪيو ويو؟ وڪيل ٻڌايو ته هن کي ٻيهر ڀرتي ڪيو ويو، ايگزيڪيوٽو آفيسر صحت گهوٽڪي کيس 11هين گريڊ ۾ اسٽيٽسٽڪس اسسٽنٽ رکيو هو، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته يا ته قانون ۾ ترميم ڪريو ها!، 2001ع ۾ 11هين گريڊ ۾ ڀرتي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪندي هئي، ڪهڙي قانون تحت هيلٿ آفيسر ائين ڪيو؟ پوءِ ان کي 17هين گريڊ ۾ اپ گريڊ ڪيئن ڪيو ويو؟، وڪيل ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ حڪومت کيس ترقي ڏئي اسٽيٽيڪل آفيسر ڪيو، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته معنيٰ هاءِ ڪورٽ کي اپ گريڊ ڪرڻ جو اختيار آهي، وڪيل ٻڌايو ته اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ويا، ڪاوش ۾ به اشتهار آيو، ڪجهه قابل ماڻهن کي ترقي ملي، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته هڪ ئي ضلعي ۾ ايترا قابل ماڻهو؟ سڀ 20 خاڪروب 18هين گريڊ ۾ آهن؟ وڪيل چيو ته ڪو خاڪروب پي ايڇ ڊي به ڪري سگهي ٿو، خاڪروب جي نوڪري لاءِ به ماسٽر ڊگري وارا نوجوان درخواستون ڏين ٿا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪاوش ڪهڙي ٻولي ۾ ڇپجندي آهي؟ ڇا سنڌ ۾ صرف هڪ ٻولي ڳالهائي ويندي آهي؟ اردو جي اخبار ۾ اشتهار ڇو نه ڏنو ويو؟ اهڙيون ڳالهيون ڪريو ٿا ته شڪ ٿو ٿئي، هڪ درخواستگذار روشن نوناريءَ چيو ته ڪاوش اخبار سنڌ ۾ گهڻي پڙهي ويندي آهي، عدالت سنڌ جي صحت کاتي جي رپورٽ جمع نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت کي ٻڌايو ويو ته اڄ  رپورٽ جمع ڪرائي پئي وڃي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سنڌ جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان نه ڪم ڪيو، نه رپورٽ جمع ڪرائي، اسين حڪم ڏيون ته پنهنجي ذاتي خرچ تي توهان گهر واپس وڃو، 7 ڊسمبر جو آرڊر آهي ۽ رپورٽ اڄ ٿا ڏيو؟ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته صحت کاتي وارن اسان کي ڪالهه دير سان رپورٽ  ڏني، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته صحت کاتي وارا به ڪير آهن؟ توهان جي اندر جا جهيڙا اسان کي نه ٻڌايو، يا ته ٻڌايو ته سنڌ حڪومت اهل نه آهي، اسين رات جو 12 وڳي تائين ڪيس ٿا پڙهون ۽ رپورٽ صبح جي ٿي اچي، عدالت پاران جيڪب آباد ۾ ٿيل ڀرتين جي جاچ بابت پڇا ڪئي وئي، ايڊيشنل سيڪريٽري صحت ٻڌايو ته 272 ڀرتين جي معاملي تي سنڌ جي وڏي وزير وٽ 3 جنوري تي ڀرتيون ڪندڙ ڊاڪٽر ديدار جي ذاتي ٻڌڻي هئي،  ڊاڪٽر هڪ دستاويز سنڌ جي وڏي وزير کي ڏنو، وڏي وزير حڪم ڏنو ته اهو ڏسي ٻي ٻڌڻي رکي وڃي، عدالت جي پڇڻ تي سيڪريٽري ٻڌايو ته هن ڀرتين بابت فهرست پيش ڪئي هئي، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته اسين هاڻي نيب وارن کي ٿا سڏايون، ڊاڪٽر ديدار کي گرفتار ٿا ڪرايون، ان خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ ٻڌايو ويو ته معطل آهي، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته معنيٰ پگهار کڻي پيو، اهي ڪيس نيب کي ٿا ڏيون، توهان جي سهولت ٿيندي، وڏي وزير جو ڀرم به رهجي ويندو، معنيٰ خاڪروب 17هين گريڊ ۾ آيو ته ٺيڪ ٿيو؟ ڊاڪٽر ديدار جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته خرابيون ته سڄي ملڪ ۾ آهن، جسٽس امير هاني مسلم چيو ته هن طريقي سان ڪارروائي مڪمل نه ٿيندي، اختيارن جو غلط استعمال ڪيو ويو، گهوٽڪي جي هڪ درخواستگذار عبدالرشيد عدالت کي ٻڌايو ته چڍر ڀائرن پاران اسان تي ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن، چڍر برادري سان تعلق رکندڙ هڪ وڪيل چيو ته 1980ع ۽ 1985ع ۾ ڀرتي ٿيل ماڻهن جو ڪيس هتي آندو ويو آهي، ائين ته مهرن جا به ڪيترائي ماڻهو ڀرتي ٿيل آهن،  جسٽس امير هاني مسلم چيو ته ترقيون رولز تحت ٿينديون آهن، اسان کي ڊپ آهي ته خاڪروب 22هين گريڊ ۾ نه پهچي وڃي، ان کان اڳ انهن کي روڪيون، هڪ ڊاڪٽر عثمان پيش ٿيندي ٻڌايو ته خانپور مهر جي اسپتال ۾ مون کي ايم ايس رکيو ويو، 2011ع ۾ هر سال 6 ڪروڙ بجيٽ هئي، ڊي ايڇ او ۽ هڪ برادري اها استعمال ڪندي هئي، اسپتال ۾ ڪا دوا ۽ بسترو نه هو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام سان نفرت ڪري ٿي؟ جسٽس امير هاني مسلم چيو ته ان سبب ئي سيڪريٽري هتي نه ٿو پيش ٿئي، اسان جاچ ادارو نه آهيون، اسان سنڌ حڪومت کي موقعو ڏنو پر هنن وٽ وقت نه آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عوام جي ناڻي تي سنڌ جا 4 آفيسر هتي پيش ٿيا آهن، ٻڌايو ته ڀرتين جا الزام ڪيتري حد تائين درست آهن؟ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته 30 سيڪڙو درست هوندا، گريڊ 7 کان مٿي 22 ڄڻن کي معطل ڪيو ويو آهي، هڪ درخواستگذار ٻڌايو ته معطل ٿيل عهدن تي ويٺا آهن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇيو ته ڇا خانپور مهر اسپتال فعال آهي؟ صحت جي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته هن وقت ڪجهه نه ٿا چئي سگهون، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سنڌ حڪومت کي خبر ئي نه آهي ته اسپتال هلي پئي يا نه؟ ڇا سنڌ حڪومت صوبي جا انتظام هلائي سگهي ٿي؟ عدالت آرڊر ۾ چيو ته سنڌ حڪومت رپورٽ ڏني، جنهن ۾ الزامن جي جواب ۾ الزام آهن، عدالت ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد کي هدايت ڪئي ته انهن الزامن ۽ معاملن جي آزاداڻا طور تي جاچ ڪئي وڃي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، سرڪاري اسپتالن ۽ ڪلينڪن جا دورا ڪري فوٽو ڪڍي رپورٽ ڏني وڃي، ضلعن جا ڊي سي ۽ ايس پي سهولت فراهم ڪن، سيڪريٽري صحت ۽ ٻيا پابند آهن ته رپورٽ مڪمل ڪرڻ ۾ گهربل ڪاغذ ۽ رڪارڊ ڏين، پٽيشنر ۽ عدالتي آرڊر ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججن کي موڪليا وڃن، سيڪريٽري صحت ايندڙ ٻڌڻي تي اچي پيش ٿئي