ڪراچي (بيورو رپورٽ) وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ڪندي ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي جي فزيبلٽي رپورٽ جي تياري لاءِ ساڍا 4 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان منصوبي جي رستن تان حددخليون ختم ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته جيئن رٿا سي-پيڪ ذريعي شروع ٿي سگهي. ڪالهه نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪي سي آر بابت رٿيل اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ٽرانسپورٽ وارو وزير ناصر شاهه سميت لاڳاپيل سيڪريٽرين ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٽرانسپورٽ واري وزير ٻڌايو ته ڪي سي آر رٿا جي مجموعي ڊيگهه 43 ڪلوميٽر آهي، جنهن ۾ 13.43 ڪلوميٽر ريلوي جي مکيه لائين آهي ۽ 29.69 ڪلوميٽر ڪي سي آر جي لوپ لائين تي آهي. ڊي ايس ريلوي ڪراچي حدددخلين جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪي سي آر رٿا لاءِ مجموعي طور 360 ايڪڙ ايراضي گهربل آهي، جنهن مان 260 ايڪڙ پاڪستان ريلوي جي زمين آهي ۽ 100 ايڪڙ مکيه لائين تي آهي، جڏهن ته67 ايڪڙ تي حددخليون آهن، جنهن ۾ 47 ايڪڙ ڪي سي آر لوپ تي آهي ۽ 20 ايڪڙ مکيه لائين سان گڏ آهي قبضو ڪيل زمين تي 4653 گهر تعمير ٿيل آهن ۽ 2997 ٻيون غيرقانوني اڏاوتون آهن. اهڙي ريت ڪي سي آر جي 20 سيڪڙو حصي تي حددخليون آهن، ان رٿا تي ان صورت ۾ عملدرآمد ٿي سگهي ٿو ته ان جي رستن تان اڏاوتن کي ختم ڪيو وڃي. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته سڀني ڊپٽي ڪمشنرن سان گڏيل اجلاس ڪري ڪي سي آر جي رستي تان حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ منصوبو جوڙيو وڃي ۽ 7 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته ڪي سي آر جي فزيبلٽي رپورٽ سي پيڪ جي جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي ۾ پيش ڪرڻي آهي ته جيئن ان رٿا کي سي-پيڪ ۾ شامل ڪيو وڃي. وڏي وزير ان رٿا لاءِ قرض وٺڻ خاطر وفاقي حڪومت کان خودمختيار گارنٽي حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي