لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) موسميات کاتي برساتن جي نئين سلسلي جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي آهي، اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته سڀاڻي هوائن جو نئون سلسلو بلوچستان ۾ داخل ٿيندو ۽ سڀاڻي کان آچر تائين بلوچستان ۾ برساتن جو امڪان آهي، سنڌ ۾ سڀاڻي ۽ ڇنڇر تي برسات جو امڪان آهي