اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ چيئرمين رضا رباني جنرل (ر) راحيل شريف جي مقرري جي حوالي سان وضاحت ڪرڻ تي وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ کي ڇنڊ پٽي، جنهن تي هو ڪاوڙجي ايوان مان هليو ويو، ايوان ۾ قادر بلوچ چيو هو ته جنرل (ر) راحيل شريف جي حوالي سان پاڪستان يا سعودي عرب ۾ پاليسي بيان نه آيو آهي، ان ڪري ان کي اشو نه بڻايو وڃي، جنهن تي سينيٽ چيئرمين رضا رباني کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته ايوان کي ڪيئن هلائجي؟ اهو مان بهتر نموني سمجهان ٿو، توهان مداخلت نه ڪريو