ڪراچي (بيورو رپورٽ) وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي گورنر جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي جي وفات تي سنڌ صوبي ۾ هڪ ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪندي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته مرحوم گورنر جي خاندان ۽ پرنسپل سيڪريٽري سان رابطو ڪري مرحوم جي تدفين جي حوالي سان انتظام ڪيا وڃن، مراد علي شاهه سنڌ سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جي اظهار ڪندي گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ سندس عدالتي خدمتن جي ساراهه به  ڪئي