ڪراچي (بيورو رپورٽ) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا اهم اڳواڻ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ وارا آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ انهن جا نالا ٻڌائيندس، جن ۾ ايم اين اي ۽ ايم پي ايز به شامل آهن، اهڙو اظهار هن سنڌ سيڪريٽريٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. منظور حسين وساڻ چيو ته ايم ڪيو ايم جا تمام ڌڙا گڏجي به ايندڙ چونڊن ۾ ڪراچي جون اڌ سيٽون به نه کٽي سگهندا، پيپلزپارٽي ڪراچي مان سٺيون سيٽون کڻندي ۽ ڪاميابي حاصل ڪندي، هن اڳڪٿي ڪندي چيو ته گهرووزير چوڌري نثار کي هن ئي سال ۾ وڃڻو پوندو، نئون گهرو وزير هن ئي سال پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو، ڪنهن نه ڪنهن غلطي سبب هن کي هٽايو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ منظور حسين وساڻ چيو ته عمران خان جي خبر ناهي باقي بلاول ڀٽو زرداري جي هڪ ئي شادي ٿيندي ۽ ڪامياب هوندي