اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) زرداري هائوس جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم نواز شريف وچ ۾  جلد ملاقات جو امڪان آهي، جنهن ۾ ملڪ جا سياسي معاملا به غور هيٺ ايندا، هڪ خانگي ٽي وي چئنل موجب اهڙي تصديق زرداري هائوس جي ذريعن ڪئي آهي، پاناما  اسڪينڊل کانپوءِ  آصف زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ ملاقات هڪ وڏي سياسي خبر هوندي