ڪراچي (رپورٽ: رشيد ميمڻ) سنڌ ۽ پنجاب حڪومت ايندڙ بجيٽ کان اڳ ۾ نئون مالياتي ايوارڊ جاري ڪرڻ، نئين ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو 7 سيڪڙو وڌائي 65 سيڪڙو ڪرڻ، خدمتن وانگر شين تي سيلز ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪرڻ جا اختيار صوبن کي ڏيڻ ۽ ورڇ جوڳي پول 7 سيڪڙو فنڊ سي-پيڪ بابت رٿائن جي سيڪيورٽي انتظامن لاءِ ۽ فاٽا ۽ ٻين علائقن جي ترقيءَ لاءِ فنڊ مختص ڪرڻ جي تجويز کي غير آئيني قرار ڏيندي ان جي سخت مخالفت ڪرڻ جو گڏيل ڪيس وفاق وٽ پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، شين تي سيلز ٽيڪس جي وصولي واري ايف بي آر جي نظام تي به تحفظات ظاهر ڪيا آهن، ٻنهي صوبن انهن معاملن تي گڏيل ڪيس ٺاهڻ لاءِ ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سنڌ حڪومت چيو آهي ته  گذريل اين ايف سي ايوارڊ کانپوءِ 18 هين ترميم تحت مختلف کاتا ۽ ادارا ٻين صوبن جيان سنڌ کي به منتقل ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي انهن جا خرچ صوبائي حڪومتون برداشت ڪري رهيون آهن، صوبن تي مالي بار تمام گهڻو وڌي ويو آهي، ان ڪري نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو 57.5 سيڪڙو مان وڌائي 65 سيڪڙو ڪيو وڃي، ڪالهه پنجاب جي ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان دوران اين ايف سي ايوارڊ جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ذريعن موجب اجلاس ۾ اهو چيو ويو ته 18 هين ترميم کانپوءِ  کاتن ۽ ادارن جي صوبن کي منتقل ٿيڻ جي ڪري صوبن تي مالي بار وڌي ويو آهي، خاص طور تي ان ڪري ايندڙ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو 7 کان 8 سيڪڙو وڌائڻ ضروري آهي، اتفاق ڪيو ويو ته ٻئي صوبا ان ڪيس کي گڏيل طور تي وفاق وٽ پيش ڪندا، اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته ايف بي آر پاران شين تي جي ايس ٽي جي وصولي ڪرڻ وارو نظام بهتر ناهي ۽ انهن وصولين جا حقيقي انگ اکر به صوبن سان شيئر نٿا ڪيا وڃن، ان ڪري وفاق وٽ اهو به ڪيس رکيو ويندو ته خدمتن تي سيلز ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ وانگر شين تي سيلز ٽيڪس وصول ڪرڻ جا اختيار به صوبن کي ڏنا وڃن، صوبا اهو ٽيڪس وصول ڪري وفاقي حڪومت کي رقمون ڏيندا ۽ ان کانپوءِ انهن رقمن جي ورڇ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ڪئي وڃي، خدمتن تي سيلز ٽيڪس جا جڏهن وفاقي حڪومت کي اختيار هيا ته ان وقت تمام گهٽ رقمون اوڳاڙي ڪيون وينديون هيون پر اهي اختيار صوبن کي ملڻ کانپوءِ وصوليون تمام گهڻي حد تائين وڌيون آهن، ان ڪري ثابت ٿئي ٿو ته صوبن پاران وصولي ڪرڻ سان شين تي سيلز ٽيڪس جي مد ۾ به وصوليون تمام گهڻي حد تائين وڌي وينديون، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ۽ پنجاب پاران روينيو بورڊ ۽ ناڻي کاتن جي آفيسرن تي مشتمل هڪ ورڪنگ گروپ قائم ڪيو ويندو، جنهن ۾ اين ايف سي ايوارڊ جي ڪيس بابت گڏيل حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي، ان کانپوءِ ان معاملي تي ٻين صوبن کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو، اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ ايف بي آر پاران سنڌ جي ايڪسائيز کاتي جي فنڊن مان ايٽ سورس طور 7 ارب رپيا ڪٽوتي ڪرڻ تي به تحفظات ڪيا ويا ۽ پنجاب جي ناڻي واري وزير کي ان معاملي تي سنڌ حڪومت جي موقف جي حمايت ڪرڻ لاءِ چيو ويو، مراد علي شاهه چيو ته ايف بي آر پاران وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ هڪ طرفي ڪٽوتي ڪرڻ غيرقانوني عمل آهي، ٻئي طرف اجلاس بابت وزيراعليٰ هائوس جي ڏنل تفصيلن موجب پنجاب واري ناڻي واري وزير سان اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ورڇ جوڳي پول کان 7 سيڪڙو فنڊ سي-پيڪ بابت رٿائن جي سڪيورٽي انتظامن لاءِ ۽ فاٽا ۽ ٻين علائقن جي ترقيءَ لاءِ فنڊ مختص ڪرڻ جي تجويز غير آئيني آهي ۽ ائين ڪرڻ سان غلط روايت قائم ٿيندي، ان ڪري سمورن صوبن کي گهرجي ته اهي گڏجي ان تجويز جي مخالفت ڪن، ورڇ جوڳو پول رڳو صوبن وچ ۾ گڏ ٿيل فنڊن کي ورهائڻ لاءِ آهي،  وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پهريان ئي ٻه هزار رٽائرڊ فوجين تي ٻڌل هڪ فورس سي-پيڪ رٿائن ۽ انهن جي ملازمن جي سيڪيورٽي لاءِ فراهم ڪري رهي آهي، ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت11-2010ع کان 16-2015ع تائين 300 ارب رپيا صوبي ۾ امن امان کي برقرار رکڻ تي خرچ  ڪيا آهن ۽ وفاقي حڪومت ان حوالي سان هڪ پئسو به ناهي ڏنو ۽ هاڻي اهو صوبن کي چئي پيو ته اهي پنهنجي حصي مان پنهنجا فنڊ ڏين، اها تجويز بلڪل قبول جوڳي نه آهي، هن چيو ته مان پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي حڪومتن کي به درخواست ڪندس ته اهي ان تجويز جي مخالفت ڪن، پنجاب جي ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عائشا غوث پاشا سنڌ جي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته پنجاب به ان معاملي تي سنڌ جي موقف جي حمايت ڪري ٿو ۽ ان معاملي تي مڪمل سپورٽ ڪئي ويندي.