اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هلندڙ مهيني آمريڪا روانو ٿيندو، جتي هو ڊونالڊ ٽرمپ جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو، ذريعن موجب آصف زرداري سان آمريڪي دوري ۾ رحمان ملڪ ۽ شيري رحمان به گڏ هوندا، امڪان آهي ته 18 کان 25 جنوري تائين آصف زرداري آمريڪا ۾ هوندو