نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ اعتراف ڪندي چيو آهي ته 2016ع وارين آمريڪي صدارتي چونڊن بابت هيڪنگ ۾ روس ملوث هو، روسي صدر ولاديمير پيوٽن جيڪڏهن مون کي پسند ڪري ٿو ته اها خوشي جهڙي ڳالهه ۽ اثاثو آهي، خانگي چئنل موجب نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊونالڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته روس سان منهنجي ڪا به ڊيل ناهي، منهنجو خيال آهي ته آمريڪي صدارتي چونڊن جي هيڪنگ ۾ روس ملوث آهي، هر ڪو آمريڪا جي هيڪنگ ڪري ٿو، روس کي آمريڪا جي هيڪنگ نه ڪرڻ گهرجي، پريس ڪانفرنس دوران هن صحافي کي چيو ته توهان ڪوڙيون خبرون ڏيو ٿا، مان جواب نه ڏيندس، مون سان تيز لهجي ۾ نه ڳالهاءِ، ان موقعي تي ڪاروباري مامرن کان الڳ ٿيڻ جو به اعلان ڪيو، هن چيو ته ڪاروباري مامرا منهنجا پٽ هلائيندا، هن وڌيڪ چيو ته جعلي انٽيليجنس رپورٽس بي بنياد آهن، انٽيليجنس ايجنسيون لازمي ۽ تمام اهم هونديون آهن، هن صدر باراڪ اوباما جي صحت پروگرام کي مڪمل تباهي قرار ڏيندي چيو ته ان پروگرام کي ختم ڪري متبادل ڏينداسين، صحت پروگرام جي آنرشپ اسان وٽ ناهي، اسان بهتر ۽ گهٽ خرچ وارو صحت پروگرام پيش ڪنداسين، اوباما صحت پروگرام ڊيموڪريٽس جو مسئلو آهي، آمريڪين کي منهنجي ٽيڪس ريٽرنز جي ڪا به پرواهه ناهي، هن چيو ته داعش اوباما انتظاميا جي تخليق آهي، هوڏانهن ڊونالڊ ٽرمپ جي بيان تي ردعمل ڏيندي وائيٽ هائوس چيو آهي ته آمريڪي انٽيليجنس تي ڊونالڊ ٽرمپ جي تنقيد گمراهه ڪندڙ معلومات تي ٻڌل آهي