اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج جي گهر ۾ تشدد جو نشانو بڻيل ٻارڙي طيبه کي سوئيٽ هوم منتقل ڪرڻ جا حڪم ڏيندي ڪيس ۾ سمورن دعويدارن جا بيان قلمبند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ ڪالهه پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، نينگري طيبه ۽ ان جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وئي، چيف جسٽس چيو ته ٻارڙي ڊنل لڳي رهي آهي، طيبه جي پيءُ اعظم عدالت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، هن ٻڌايو ته سندس 4 ٻار آهن، جن ۾ طيبه سڀني کان وڏي آهي، 14 آگسٽ 2016ع تي طيبه کي ملازمت لاءِ پاڙيواري عورت نادرا جڙانوالا کان فيصل آباد وٺي وئي، نادرا سان ماهوار 3 هزار معاهدو طئي ٿيو هو، 18 هزار مون کي ايڊوانس رقم ڏني وئي، پر اهو نه ٻڌايو ويو ته نينگري کي اسلام آباد وٺي ويندا، نادرا 2 ڀيرا ٻارڙيءَ سان فون تي ڳالهه ٻولهه به ڪرائي، نواز ليگ ايم پي اي عثمان کرل جي ڪار تي اسين اسلام آباد آياسين، ٽي وي تي خبر پئي ته ٻارڙي تي تشدد ٿيو آهي، واقعي جو ٻڌي نادرا هڪ وڪيل وٽ وٺي آئي، ٻارڙي ملي ته ان کي زخم هئا، چيف جسٽس پڇيو ته ٻارڙيءَ کي آيل زخمن بابت توهان ڪنهن کان پڇيو؟ اعظم ٻڌايو ته جج صاحب جڏهن ٻارڙي مون حوالي ڪئي ته مون پڇيو هو، پر هن نه ٻڌايو ته زخم ڪيئن آيا، وڪيل ظهور اسان کي اسلام آباد جي برما ٽائون ۾  گهر وٺي ڏنو، وڪيل هڪ موبائيل سم خريد ڪري ڏني، بعد ۾ سم ڪڍرائي وئي، ان بعد 5 ڏينهن تائين اسان جو ڪو رابطو نه رهيو، پوءِ اسان کي هڪ فارم ڏنو ويو، وڪيل اسان کي چيو ته هن ڪاغذ تي آڱوٺو هڻو ته توهان پنهنجي ٻارڙي لاءِ جج صاحب کي معاف ڪيو ۽ ان کي وٺي گهر ويا آهيو، چيف جسٽس پڇيو ته گهر ۾ ٽي وي هئي؟ اعظم ٻڌايو ته ٽي وي نه هئي، چيف جسٽس پڇيو ته ڇا ٻارڙيءَ جو پيدائشي سرٽيفڪيٽ آهي؟ چيف جسٽس اسسٽنٽ ڪمشنر کان پڇيو ته ٻارڙي توهان وٽ ڪيئن آئي، هن ٻڌايو ته پوليس وٽس طيبه کي وٺي آئي، چيف جسٽس ٻارڙي جي والد کان پڇيو ته ڇا توهان ٻارڙي تي تشدد ڪندڙ کي معاف ڪيو آهي؟ اعظم چيو ته معافي جي خبر نه آهي، صرف آڱوٺا لڳرايا ويا، آئون پڙهيل ناهيان، خبر نه آهي ته ڪاغذ تي ڇا لکيل هو، چيف جسٽس چيو ته طيبه والدين جي تعين تائين سوئيٽ هوم۾ رهندي، پوليس کي سوئيٽ هوم ۾ هر طرح جي رسائي هوندي، ڏسڻو آهي ته طيبه تي تشدد جو ذميوار ڪير آهي؟ عدالت ٻارڙي کي انساني حقن واري تنظيمن حوالي ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس چيو ته ٻارڙيءَ جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي، راجا ظهور وڪيل جو ڪردار اهم ٿو لڳي، ڇا ان کي به سڏائجي؟ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد ٻڌايو پوليس فائيل موجب راجا ظهور جي ملزم سان مائٽي آهي، چيف جسٽس چيو ته ڇا اهو ڪو ٻارڙن کي ملازمتون ڏيارڻ وارو گينگ ته نه آهي؟ ڊي آءِ جي پوليس چيو ته اسين جاچ ڪريون پيا، عدالت سمورا بيان قلمبند ڪرڻ ۽ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻڌڻي 18 جنوريءَ تائين ملتوي ڪئي، ٻئي طرف ٻارڙي جو چوڻ هو ته هوءَ سوئيٽ هوم ۾ اڪيلي نٿي رهي سگهي