اسلام آباد:مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ نواز ليگ جي ٻين اڳواڻن تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري دٻيل لفظن ۾ شڪست تسليم ڪئي آهي، نعيم بخاري بيماري جو بهانو ڪري هليو ويو، وزيراعظم جو وڪيل سڀني الزامن جا جواب ڏيندو، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته عدالت جيڪي به ثبوت گهرندي، اهي فراهم ڪنداسين، دانيال عزيز چيو ته نعيم بخاري اڄ ٻيهر پراڻيون  ڳالهيون ورجايون