ڪابل/دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغان پارليامينٽ ويجهو ٿيندڙ ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جو انگ 100 کان وڌي ويو آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب مارجي ويلن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ۽ عام شهري به شامل آهن، ڪابل جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيل آهي، ٻئي طرف گڏيل عرب امارتن تصديق ڪندي چيو آهي ته افغانستان جي اولهندي شهر قنڌار ۾ ٿيل بم حملي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن ۾ سندن 5 سفارتڪار به شامل آهن، پرڏيهي خابرو اداري موجب صوبائي گورنر جي آفيس جي اڱڻ ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻين مارجي ويلن ۾ نائب گورنر، افغانستان جي پرڏيهي وزير جا ٻه اعليٰ اهلڪار ۽ پارليامينٽ جا 2 ميمبر به شامل آهن، حملي ۾ گڏيل عرب امارتن جو سفير ۽ قنڌار جو گورنر به زخمي ٿيا هئا، ان حوالي سان گڏيل عرب امارتن ۾ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، گڏيل عرب امارتن جي وزيراعظم شيخ محمد بن راشد قنڌار حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته انساني، مذهبي ۽ لساني بنيادن تي عوام کي قتل ڪرڻ جو ڪو جواز ناهي. هوڏانهن افغان صوبي خوست ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ حقاني نيٽ ورڪ جي ٻن ڪمانڊرن نذر جان ۽ روح الله سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا، عزيز ڪالا واري علائقي ۾ ڪيل ڊرون حملي ۾ حقاني نيٽ ورڪ جو بم نصب ڪرڻ تي مقرر دهشتگرد ۽ هٿيار سپلاءِ ڪندڙ دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ان علائقي مان حقاني نيٽ ورڪ جي آپگهاتي حملن جي ماهر کي به گرفتار ڪيو ويو آهي