ڪراچي (ڪي ٽي اين نيوز) برک صحافي ۽ سينيئر تجزئي نگار علي قاضي چيو آهي ته سعيد الزمان صديقي 61 ڏينهن گورنر رهيو، هو پهرين ڏينهن کان صحتياب ته نه هو، سندس گورنري وارو دور به علالت ۾ گذريو، سندس لاڏاڻي واري خبر ڏکائيندڙ آهي، هن ڳالهه کان هٽي ڏسون ته سنڌ سان وفاق جو رويو سدائين ائين رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪنهن به حڪومتي عهدي تي مقرري ڪئي ويندي آهي ته مڪمل جاچ ٿيندي آهي، هڪڙي رپورٽ ٺهندي آهي پوءِ ڪنهن شخصيت کي اهم ذميواري ڏني ويندي آهي، گورنر، وزيراعظم ۽ صدر جي مقرري لاءِ ماضي، حال ۽ مستقبل بابت ڏٺو ويندو آهي، وزيراعظم يا وفاقي حڪومت جنهن وقت سعيد الزمان صديقي کي گورنر طور مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هوندو، ان وقت آئون نٿو سمجهان ته سعيد الزمان جي طبيعت ٺيڪ هوندي، هن کي ساهه جي بيماري ته هئي، جنهن وقت هن حلف کنيو، ان وقت به جسماني طور ٺيڪ نه هو، اهڙن خيالن جو اظهار هن اوپينين وٿ علي قاضي ۾ ڪيو، علي قاضي وڌيڪ چيو ته جڏهن ڄام صادق مرحوم سنڌ جو وڏو وزير هو ته هن کي ڪينسر ظاهر ٿيو هو، جڏهن هو صفا عليل ٿي ويو، ان وقت غلام اسحاق خان صدر  هو ۽ آصف نواز جنجوعا آرمي چيف هو، نواز شريف وزيراعظم هو، ان وقت ٿيو هو ته مظفر حسين شاهه کي عهدو ڏجي پر ڄام صادق جي خاندان ۾ ڪا شادي هئي ته ان کي ان ڪري نه هٽايو ويو، شادي ۾ به هو ويل چيئر تي هو، مظفر حسين شاهه کي ڪو آرڊينيٽر طور مقرر ڪيو ويو هو، انساني بنيادن جا ته هڪڙا الڳ قدر هجن ٿا پر حڪومتي اهم منصب ڏانهن رويو عجيب غريب آهي، سنڌ جي سڄي تاريخ ۾ عجيب غريب فيصلا ٿيندا رهيا آهن، سعيد الزمان کانپوءِ هاڻي ظاهر آهي ته نئون گورنر مقرر ٿيندو، نئين گورنر جي مقرري مان وفاق جي موڊ جي به خبر پئجي ويندي، اهو به اندازو ٿي ويندو ته وفاقي حڪومت سنڌ ڏانهن سياسي دلچسپي رکي پئي يا نه، پروگرام ۾ پاناما مامري تي سوال جو جواب ڏيندي علي قاضي چيو ته انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ جڏهن بئنچ ٻڌڻي ڪئي ته جماعت اسلامي پاڻ وڃي درخواست ڏني هئي ته سپريم ڪورٽ جي جاچ ڪميشن ٺاهي وڃي، هاڻ سراج الحق چوي پيو ته عدالت جي بئنچ ئي فيصلو ٻڌائي، خبر ناهي ته فيصلو ڇا ايندو پر اهو ته طئي آهي ته فيصلو حق ۾ يا مخالفت ۾ ايندو، جيڪڏهن ڪجهه شيون تحريڪ انصاف ثابت نه ٿي ڪري سگهي ۽ قطري شهزادي جي خط کي به حڪومت سچو ثابت نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ ڪميشن قائم ٿي ته ڪا حيرت نه ٿيندي، حيرت ته ان ڳالهه تي ٿيندي ڪو هڪ طرفو فيصلو اچي وڃي، سپريم ڪورٽ جو اختيار آهي ته ڪو به فيصلو ٻڌائي سگهي ٿي، فيصلو جيڪو آيو، ڪنهن کي قبول پوندو، ڪنهن کي قبول نه پوندو، ذوالفقار علي ڀٽو کي به عدالتي فيصلي بعد ڦاهي ڏني وئي هئي، عوام ته ان کي قبول نه ڪيو هو، اڄ به ذوالفقار علي ڀٽو کي عوام شهيد چوي ٿو، سوال جو جواب ڏيندي علي قاضي وڌيڪ چيو ته راحيل شريف واري مامري تي خواجا آصف به چوي پيو ته راحيل شريف اين او سي ناهي ورتي، ظاهر آهي اين او سي کانسواءِ ته هو ٻاهرين ملڪ عهدي لاءِ وڃي نه ٿو سگهي پر حيرت جي ڳالهه ته اها به آهي، جو چئن پنجن ڏينهن کان اها ڳالهه گردش هيٺ آهي پر ڪو به ان جي تصديق يا ترديد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، راحيل شريف جيڪڏهن سعودي عرب جي فوجي اتحاد جو سربراهه  ٿيو آهي ته ٻڌائي ڇڏي، آدمشماري واري مامري تي سوال جو جواب ڏيندي علي قاضي چيو ته آدمشماري ۾ ڌارين جي ڳڻپ ڌار خاني ۾ ٿيڻ گهرجي ته جيئن خبر پوي ته ڪيترا ڌاريا  آباد آهن ۽ ڌارين جي واپسي لاءِ به قدم کڻڻ گهرجن ۽ آدمشماري شفاف ٿيڻ گهرجي، آدمشماري وسيلي خبر پوڻ گهرجي ته سنڌي، پختون ۽ بلوچ گهڻا ٿا رهن، سنڌ ۾ رهندڙ اهي ماڻهو جيڪي ڌرتي سان جڙيل آهن، اهي ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندا هجن انهن کي ٻولي واري خاني ۾ ٻولي سنڌي لکرائڻ گهرجي