گمبٽ (ن ڪ)گمبٽ جي هڪ سئو کان وڌيڪ ميونسپل ملازمن جون گذريل ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف الهڏنو شيخ، نياز علي چنو، عبدالخالق ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ستين ڏينهن به احتجاج ۽ ڪم ڇڏهڙتال جاري رکي، هنن چيو ته اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هنن چيو ته 7 ڏينهن کان ملازم سراپا احتجاج بڻيل آهن پر اختياريون اکيون ۽ ڪن بند ڪري ويٺل آهن، ٻئي پاسي صفائي عملي جي ڪم ڇڏهڙتال سبب مختلف پاڙن شيخ پاڙي، امجد ڪالوني ۽ ٻين پاڙن ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن