ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس ذوالفقار علي تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ شراب خانن کي ريگيوليٽ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چئن هفتن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي ۽ ٻين پاران شراب جي سرعام وڪري خلاف داخل ڪيل آئيني درخواستن جي ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪندي ڏنو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ سنڌ سرڪار کي چيو آهي ته چئن هفتن اندر ٻڌايو وڃي ته سنڌ ۾ ڪيترا شراب خانا حدود آرڊيننس جي سيڪشن 17 تحت جاري ڪيا ويا، ڪيتري غير مسلم آبادي ۾ ڪيتري مقدار ۾ شراب جي وڪري جي اجازت ڏني وئي آهي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ سنڌ سرڪار کان ڪراچي جي بوٽ بيسن واري علائقي ۾ 1994ع کان قائم ڪوهستان شراب خانو مسجد جي ويجهو هجڻ بابت پڻ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڪالهه عدالت ۾ ڊاڪٽر رميش ڪمار پيش ٿي اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسلام سميت هندو، مسيح ۽ ٻين مذهبن ۾ شراب جي ڪا اجازت ناهي پر ان باوجود سنڌ سرڪار شراب خانن ۾ اضافو ڪندي پئي وڃي، سنڌ ۾ ايترا غير مسلم ناهن جيترو شراب وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته بائيبل، گيتا سميت ڪنهن به مذهبي ڪتاب جو حوالو ڏنو وڃي، جنهن ۾ شراب جي اجازت هجي؟، جنهن تي رميش ڪمار چيو ته ڪنهن به مذهب ۾ شراب جي اجازت ناهي، شراب خاني جي هڪ مالڪ جي وڪيل عامر رضا نقوي چيو ته شراب خانن جا لائسن قانون تحت جاري ڪيا ويا آهن پر درخواستگذار ڪنهن به قانون کي چئلينج نه ڪيو آهي، هن چيو ته هي معاملو رڳو هندو برادري جو ناهي، ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته عدالت سنڌ ۾ شراب خانن جا لائسن قانون مطابق جاري ٿيل هجڻ بابت جائزو وٺڻ جو حڪم ڏنو هو، ان تي عملدرآمد ڪيو ويو؟، حدود آرڊيننس جي سيڪشن 17 (3) تحت غير مسلمن جي مذهبي تهوارن جي موقعي تي شراب وڪرو ڪري سگهجي ٿو، ڇا ان تي عمل ڪيو ويو؟، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل پيش ٿي چيو ته سپريم ڪورٽ 27 آڪٽوبر واري حڪم کي ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ ان کان اڳ جاري ڪيل سمورا حڪم هاءِ ڪورٽ جي 27 آڪٽوبر واري حڪم ۾ ضم ٿي ويا هئا، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته 27 آڪٽوبر وارو حڪم شراب خانا بند ڪرائڻ بابت هو، جڏهن ته شراب جا لائسن قانون مطابق جاري ٿيل هجڻ يا اهي قانون مطابق ڪم ڪرڻ وارو حڪم 22 نومبر جو آهي، جنهن تحت سنڌ سرڪار کي مختلف مذهبي اڳواڻن سان گڏجي ان جو جائزو وٺڻو هو،  جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڄاڻايل حڪم تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو هو پر سپريم ڪورٽ جي فيصلي سبب مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، ان لاءِ 4 هفتن جي مهلت ڏني وڃي، چيف جسٽس چيو ته شراب خاني جي اجازت ڏيڻ کان اڳ ان اهو ڳالهه جو لازمي طور تعين ڪيو وڃي ته جنهن علائقي ۾ شراب خاني جي اجازت گهري پئي وڃي، ان علائقي ۾ غير مسلم ڪيترا آهن، ڪا مسجد ۽ اسڪول ته ان جي آسپاس موجود ناهي، چيف جسٽس چيو ته غير مسلمن جي نالي تي ڪاروبار شروع ڪيو ويو آهي، شراب جو جيترو ڪاروبار آهي، ايتري تعداد ۾ ته  غير مسلم آبادي ئي ناهي، چيف جسٽس چيو ته ڊفينس ۾ 11 شراب خانا کوليا ويا آهن، جڏهن ته ان علائقي ۾ ايتري غير مسلم آبادي ئي ناهي، ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته سنڌ سرڪار نوان لائسنس ئي جاري ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا آهن، عدالت بوٽ بيسن واري علائقي ۾ مسجد جي ويجهو ڪوهستان شراب خاني بابت رپورٽ طلب ڪئي ته ٿاڻي جي ايڊيشنل ايس ايڇ او پيش ٿي ٻڌايو ته شراب خاني جي ڀرسان ڪا مسجد ناهي پر فليٽن جي اندر رهندڙ ماڻهن نماز جي جاءِ ٺاهي آهي، جنهن تي رميش ڪمار چيو ته پوليس ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، مسجد ۽ شراب خاني ۾ 50 گزن جو فاصلو به ناهي، شراب خاني جي ويجهو فيملي پارڪ به آهي، جنهن ۾ عورت ۽ ٻار به موجود هوندا آهن