لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس منصور علي شاهه سي ايس ايس جي رول 9 کي آئين سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ قرار ڏيندي سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪندڙ نابين اميدوارن کي فارين سروس ۽ ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ گروپ ۾ موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت قرار ڏنو آهي ته آئين تحت ڪنهن به شهريءَ سان امتيازي سلوڪ نه ٿو ڪري سگهجي، عدالت سي ايس ايس جي رول 9 کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران  درخواستگذار يوسف فيصل مجيد عدالت کي آگاهه ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ مقابلي جو امتحان پاس ڪري 22هين ۽ 30هين پوزيشن حاصل ڪئي پر اسان کي فارين سروس ۽ ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ گروپ جو حصو نه پيو بڻايو وڃي، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هارون رشيد عدالت کي ٻڌايو ته ڪابينا جي منظوري سان ٺاهيل رولز 9 تحت ميرٽ تي پورو لهندڙ نابين ۽ معذور اميدوار آڊٽ اڪائونٽس، ڪامرس اينڊ ٽريڊ، انفارميشن ۽ سوشل گروپ جوائن ڪري سگهن ٿا، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته رولز ٺاهڻ وقت ان جا سبب ڇو نه بيان ڪيا ويا، آئين تحت ڪنهن به شهريءَ سان امتيازي سلوڪ نه ٿو ڪري سگهجي، نابين ماڻهن لاءِ سخت پاليسي ڇو اختيار ڪئي وئي؟ عدالت سي ايس ايس جي رول 9 کي آئين سان ٽڪراءُ ۾ قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته سي ايس ايس رولز کي آئين مطابق ٺاهيو وڃي ۽ درخواست اڪلائي ڇڏي