نوشهروفيروز (ن ڪ) سنڌ بار ڪائونسل ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سال 2017ع جي روڪيل نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق ايم عباسي گروپ جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري سميت ٻيا عهديدار چونڊجي ويا، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صدر عمر الدين پنهور 159 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته سندس مخالف عبدالسلام لهراڻي 158 ووٽ حاصل ڪيا، سينيئر نائب صدر امتياز ميمڻ، جنرل سيڪريٽري عبدالرحيم عباسي، جوائنٽ سيڪريٽري شوڪت علي ٻوهيو، لائبريري سيڪريٽري شير محمد اڄڻ ۽ خزانچي علي اڪبر بهڻ چونڊجي ويا، ياد رهي 8 جنوري تي ڊسٽرڪٽ بار نوشهروفيروز جون چونڊون ٿيون هيون، جنهن ۾ صدارتي عهدي تي هڪ ووٽ جي چئلينج ٿيڻ سبب نتيجو روڪيو ويو هو جيڪو جاري ڪيو ويو