خانپور (ن ڪ) ڪراچي کان شڪارپور ايندي 2 سال اڳ بدنصيب ڪوچ حادثي ۾ سڙي فوت ٿي ويل خانپور واسي 4 نوجوانن 22 سالن جي سيد غلام قدير شاهه پٽ سيد ميول شاهه، 27ورهين جي محمد ابراهيم انصاري، ڳوٺ سونواهه جي رهواسي 24ورهين جو ڪوچ ڪنڊيڪٽر محمد سچل پھوڙ ۽ ڳوٺ غلام حسين شر جي رهواسي 20 سالن جي نوجوان پورهيت غلام علي شر جي الڳ الڳ سندن وارثن پاران ٻي ورسي ملھائي وئي، ان موقعي تي فوتي غلام قدير شاهه جي پورهيت پيءُ سيد ميول شاهه، سيد غلام شبير شاهه، فوتي محمد ابراهيم انصاري جي ڀاءُ صحافي خالد انصاري عبدالله انصاري، فوتي محمد سچل پھوڙ جي ڀاءُ حسين بخش پھوڙ ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسان جا نوجوان ڪراچي ۾ پوليس جي نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ ويا جيڪي بدنصيب بس جي حادثي ۾ سڙي فوت ٿي ويا، هنن ٻڌايو ته حادثي کي 2 سال ٿي ويا آهن، سنڌ سرڪار ۽ علائقي جي چونڊيل نمائندن پاران نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو پر 2 سال گذرڻ باوجود سرڪار اسان کي نوڪريون نه ڏنيون آهن