ڪنڊيارو (ن ڪ) ڪنڊيارو شهر ۾ وڌي ويل بدامني ۽ سماجي براين خلاف پ پ شهيد ڀٽو، آل پارٽيز الائنز پاران خالد ملاح، گهايل وسيم ڪليري، ظفر کوسو، عمر دراز قائمخاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد شهر جي مک اسٽار چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪنڊيارو شهر ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي رهي آهي، ڏوهاري شهر ۾ سرعام گهمي رهيا آهن، هنن چيو ته منشيات ۽ جوا جا اڏا سرعام هلي رهيا آهن، منشيات سبب نوجوان نسل نشي جو عادي بڻجي ويو آهي، موٽرسائيڪلون چوري ٿي رهيون آهن پر پوليس سياسي ڪمداري ڪرڻ ۾ پوري آهي، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ سماجي برايون ختم ڪرائي بدامني کي ٻنجو ڏنو وڃي