مال ۽ موسم تي ڀاڙيندڙ ٿري ماڻهو، جن جي پيرن هيٺان اڻ کُٽ خزانا هئڻ جي باوجود سندن خوشحاليءَ جا خواب اڄ ڏينهن تائين ساڀيان ماڻي نه سگهيا آھنٖ، نه ئي سندن معدني خزانا کين قدرتي آفتن ۽ هٿرادو پيدا ڪيل ڏڪارن کان بچائي سگهيا آهن. سندن موجوده ۽ ايندڙ نسلن جي تحفظ جو دارومدار اڄ به سرڪاري ۽ غير سرڪاري امدادن جي آسري تي آهي. سبب اهو آهي ته ٿر جي معدنيات کي ڇڏي، باقي ٿر ۽ ٿري ماڻهو ڪڏهن به حڪومت جي ايجنڊا تي ناهن رهيا. گذريل سالن کان ٿر معصوم ٻارن جي بُک ۽ بيماريءَ ۾ مرڻ جي ڪري ميڊيا ۾ رهيو. هاڻي وري نڪرندڙ ڪوئلي جي کوٽائيءَ جي ڪري نڪتل پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ گهربل تلاءَ ٺاهڻ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ماحولياتي تباهيءَ جي خدشن جي ڪري ڳوٺاڻن جي احتجاج جي ڪري ميڊيا ۾ آھي. ڪمپني، جنهن وٽ ٿر مان ڪوئلو ڪڍڻ جو ٺيڪو آهي. ان جو موقف آهي ته گوڙاڻو وارو هنڌ ڪوئلي جي نتيجي ۾ نڪرندڙ پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ موزن هنڌ آهي، ڇو جو اتي ٽن پاسن کان ڀٽون قدرتي طور تي پيالي نما ٺهيل آهن، ان لاءِ اهو هنڌ پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ موزن آهي ۽ جنهن تي خرچ به گهٽ ايندو. گوڙاڻو ڊيم جي ٺھڻ واري هن ايريا ۾ ايندڙ 12 ڳوٺن جي اندازن 15 يا 20 هزار آبادي آھي،  جو چوڻ آهي ته گوڙاڻو ڊيم، جنهن اندر 2700 ايڪڙ زمين اچي ٿي، ٺاهڻ سان اسان جي زمين جو پاڻي، جيڪو مٺو آھي، پيئڻ لائق نه رهندو، مال متاع رُلي ويندو ۽ ايندڙ نسل جو مستقبل به خطري ۾ پئجي ويندو.

 ان سڄي معاملي کي سمجهڻ ۽ گوڙاڻو ڊيم کي ڏسڻ لاءِ  ڪمپنيءَ سول سوسائٽي کي سرزمين تي اچڻ جي دعوت ڏني. ڪمپني جي دوستن کي ٻُڌڻ، ڳوٺاڻن سان ملڻ ۽ گوڙاڻو جي ڊيم واري جڳهه ڏسڻ کانپوءِ منهنجو اها راءِ آهي ته سڀ کان پهرين ٿر جي ڪوئلي واري منصوبي ۽ گوڙاڻو ڊيم کي الڳ ڪري ڏسڻ جي ضرورت آهي. ٿر ڪول پروجيڪٽ جي هڪڙي سٺي ڳالھ اها آهي، جو ان جي ٺهڻ ۽ ڪوئلي کي ڪڍڻ تي ڪنهن کي به اعتراض نه آهي، تنهن ڪري اهو چوڻ ته ڳوٺاڻا ترقيءَ جي خلاف آهن يا ان جي راهه ۾ رڪاوٽون ٿا وجهن، اها ڳالھ درست نه ٿيندي. ڳوٺاڻا گوڙاڻو ڊيم ٺهڻ جي مخالفت پيا ڪن، ڇو جو ان جي ٺهڻ سان انهن کي ۽ سندن ايندڙ نسل جي وجود کي خطرو آهي. اسان ڪوشش ڪئي آهي ته گوڙاڻو تلاءَ جي مختلف پهلوئن، جن ۾ گهڻو ڪري قانوني پهلو اچي وڃن ٿا، انهن جو جائزو وٺون ته جيئن اسان کي ڳوٺاڻن جي خدشن جي صحيح خبر پئجي سگهي. سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايڪٽ، جنهن جي سيڪشن 11-12-13 -14 موجب ڊيم ٺاهڻ لا۽ سڀ کان پهريان اتي انوائرنمينٽ ايڪٽ اسيسمينٽ ٿئي ته ان ڊيم ٺهڻ سان اتي جي ڳوٺن جي پاڻي ۽ ماحوليات تي ڪهڙو اثر پوندو؟ ۽ ايندڙ نسل جي بقا جو ڇا ٿيندو؟ اھڙي ڪا به رپورٽ ڪمپني اسان سان شئير نه ڪئي، جيڪا هڪ قانوني گهرج به آهي ته ڳوٺاڻن جي خدشن کي دور ڪرڻ جو هڪ اوزار، جيڪو هر فورم تي پيش ڪري سگهجي ٿو۔ وائلڊ لائف ايڪٽ موجب ڏسڻو آهي ته گوڙاڻو وارو هنڌ جهنگلي جيوت جي پناهه گاهه تي ڊڪليئر ته نه ٿيل آهي. ٻي ڳالهه ته جهنگلي جيوت جو تعداد ڪيترو آهي ۽ گوڙاڻو ڊيم ٺهڻ سان جهنگلي جيوت ڪيتري متاثر ٿيندي ۽ ان جو پورائو حڪومت ۽ ڪمپني ڪيئن ڪندي؟ ان عمل کان سواءِ گوڙاڻو ٺاهڻ هڪ غير قانوني عمل هوندو.

مون کي ياد آهي ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هليو پئي، جنهن دوران ڪورٽ ان رپورٽ جو پُڇيو ته سرڪار پاران چيو ويو هو ته اها رپورٽ پيش ڪئي ويندي. هاڻي سوال اهو ٿو اُٿي ته ڊيم ٺاھڻ جي منظوريءَ کان پهرين اهو سڀ ضروري هو، ان کان سواءِ يا انهن جي غير موجودگيءَ ۾ گوڙاڻو ڊيم ڪيئن منظور ٿيو؟ هاڻي جيڪا تڙ تڪڙ ۾ سرڪار رپورٽ ٺاهي پيش ڪئي ويندي، ان جي ڇا حيثيت هوندي؟ مائيننگ ايڪٽ سڌي طرح گوڙاڻو واري جڳھ تي لاڳو نه ٿيڻ وارو دليل منهنجي سمجھ کان ٻاهر آهي، ڇو جو گوڙاڻو ڊيم اينگرو ۽ حڪومت کي ڪوئلي کي ڪڍڻ، ڪوئلي جي کاڻ مان ڪڍڻ دوران ان سان گڏ نڪتل پاڻي، جيڪو کارو ۽ زهريلو به هوندو، گوڙاڻو ۾ گڏ ڪيو ويندو، ان جو ماحول، ڳوٺاڻن ۽ جهنگلي جيوت تي ڪهڙو اثر پوندو؟ ان جي روڪٿام لا ڪهڙا اپاءَ ورتا ويا آهن؟ لينڊ اڪيوزيشن ايڪٽ سرڪار کي ڪوئلي واري منصوبي ۽ تلائن جي پروجيڪٽ لاءِ، جنهن زمين جي ضرورت پوندي، ان زمين ۾ هڪڙي ته سرڪاري زمين اچي ٿي، ٻي ڳوٺاڻن جي، جن جا انهن وٽ کاتا آهن. ڪمپني موجب گوڙاڻو تلاءُ ٺاهڻ لاءِ ڪمپني ۽ سرڪار کي 1500 ايڪڙ زمين گهربل آهي، جنهن مان 532 ايڪڙ پرائيويٽ ماڻهن جي آهي، باقي سرڪار جي آهي. پرائيويٽ ماڻهن مان اڪثريت ته مناسب اگھ تي زمين وڪرو ڪري چڪي آهي، جن ٻنين جا معاملا فائنل نه ٿيا آهن، انهن کي 6 سيڪڙو ساليانو جي حساب سان وڌيڪ معاوضو ڏنو ويندو. ڳوٺاڻن جو موقف آهي ته گوڙاڻو ۾ 1500 ايڪڙ نه، بلڪه 2700 ايڪڙ زمين اچي ٿي ۽ تلاءَ ۾ ايندڙ زمين سرڪار طرفان ڪميونٽي لينڊ به اچي ٿي، جن ۾ اسان جو مال متاع چري ٿو ۽ ان ئي زمين تي سندن گذر سفر آهي، تنهن ڪري گوڙاڻو ڊيم ٺهڻ سان مال متاع، ماحول ۽ ايندڙ نسل برباد ٿيندو. سڀ کان پهرين ته ڪمپني ۽ حڪومت جي موقف موجب 1500 ايڪڙ زمين آهي ۽ ڳوٺاڻن موجب 2700 ايڪڙ، اهو معاملو ڪاغذن ذريعي سولو حل ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن روينيو کاتي تي ڳوٺاڻن کي ڀروسو نه هجي ته اهو معاملو عدالت حل ڪرائي سگهي ٿي.