صحافت هڪ ڏکئي پيچري تي هلڻ جو نانءُ آهي، جنهن تي هلي هڪ صحافڻ يا صحافي پنهنجون پيشيوراڻيون ذميواريون نڀائين ٿا. صحافين کي ان ڏکئي ۽ ڪنڊن سان ڀريل رستي تي هلڻ لاءِ گهڻن ئي چئلينجن ۽ جوکن کي مُنهن ڏيڻو ٿو پوي ته ڪڏهن پنهنجي جان به وڃائڻي ٿي پوي، اهڙن صحافين مان هڪ صحافي فيض الله خان به آهي، جيڪو هڪ ٽي وي رپورٽر جي حيثيت سان سڀني لاءِ هڪ چٽو مثال آهي. هڪ برطانوي صحافڻ وائني رڊلي، جيڪا سيپٽمبر 2001ع ۾ آئي ۽ اها تڏهن مشهور ٿي، جڏهن کيس افغانستان ۾ طالبان اغوا ڪري يرغمال بڻايو هو، فيض الله خان به ان مان گهڻو متاثر ٿيو هو. فيض الله خان ڪراچيءَ جو هڪ صحافي آهي ۽ هن پنهنجون پيشيوراڻيون ذميواريون نڀائڻ لاءِ پنهنجي زندگي کي داءَ تي لڳايو، ان مقصد لاءِ فيض الله خان پاڪ-افغان سرحدي علائقي جو اپريل 2014ع ۾ دورو ڪيو، جتي هن کي تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڪجهه اڳواڻن کان انٽرويو ڪرڻا هئا، پر پوءِ بدقسمتي، جو هو پاڻ به هڪ خبر جي سُرخي بڻجي ويو، جڏهن افغانستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسي کيس صوبي ننگرهار ۾ گرفتار ڪيو هو. تڏهن افغانستان جي عدالت کيس ويزا کانسواءِ افغانستان جو سفر ڪرڻ تي کيس چئن سالن لاءِ قيد جي سزا ٻڌائي هئي، تنهن هوندي به هو قسمت سان پاڪستان جي اختيارين، سول سوسائٽي، صحافي تنظيمن ۽ ملالا يوسفزئي جي ڪوششن سان آزاد ٿيو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن کي افغان صدر حامد ڪرزئي پنهنجي عهدي ڇڏڻ واري آخري ڏينهن تي آزاد ڪيو.

فيض الله خان پنهنجي ذاتي زندگي ۽ پيشيوراڻين ذميوارين ۾ پيش آيل واقعن ۽ چئلينجن بابت هڪ اردو ڪتاب ”ڊيورنڊ لائين ڪي قيدي“  گذريل هفتي شايع ڪرايو آهي، جنهن ۾ هن افغانستان جي جيلن ۾ ٿيندڙ سلوڪ ۽ خاص طور تي پاڪستاني ۽ افغان طالبان گروپن وچ ۾ وڏي رابطي جي معلومات ڏني آهي ۽ افغانستان جي جيل ۾ قيد ويڙهاڪن جون هيستائين منظرعام تي نه ايندڙ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. هي ڪتاب تحريڪ طالبان پاڪستان جي ويڙهاڪن، افغان طالبان، القاعده ۽ ٻين ملڪن ۾ خاص طور تي شام ۽ عراق ۾ سندن سهڪار ۽ مخالفن جي ڪهاڻين تي ٻڌل آهي، ان ۾ افغان جيل ۾ قيدين جي تڪليفن کي پڻ تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب مهمند ايجنسيءَ جي تحريڪ طالبان جي ڌڙي، اڳواڻن، ميڊيا سيل ۽ سندن پهچ بابت اهم معلومات تي مشتمل آهي. هي ڪتاب گهڻي اهميت ان ڪري به رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ ڀارت جي سرڪار ۽ افغان ماڻهن جي سوچ بابت گهڻي معلومات ڏني وئي آهي ۽ ان تي گهڻو بحث پڻ ڪيو ويو آهي. فيض الله خان، تحريڪ طالبان پاڪستان جي ترجمان احسان الله احسان سان انٽرويو بابت لکيو آهي، طالبان جون وفاقي حڪومت ۽ ٻين ڌڙن سان انهن ڏهاڙن ۾ ڳالهيون پڻ هلندڙ هيون. هو ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، احسان الله احسان سان ملاقات کانپوءِ هن چاهيو پئي ته هو ٻين طالبان ڌڙن جي اڳواڻن سان به پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ ساڻن ملاقات ڪري، پر هن ان لاءِ وري افغانستان جي صوبي ننگرهار ڏانهن سفر ڪيو، جتي افغان ڳجهي اداري جي اختيارين کيس لال پورا چيڪ پوسٽ وٽ حراست ۾ وٺي ڇڏيو هو. سندس اهو ڪتاب زيڊ اي ڪي بُڪس پاران شايع ڪرايو ويو آهي، جيڪو سڄي ملڪ جي وڏن ڪتاب گهرن ۾ پڻ دستياب آهي.

فيض الله خان، خيبر پختونخوا جي ضلعي مانسهره سان تعلق رکي ٿو ۽ هو ڪيترن ئي سالن کان ٽي وي جرنلسٽ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي. 2007ع ۾ عدالت جي بحاليءَ واري تحريڪ دوران وڪيلن توڙي ڪراچيءَ ۾ مختلف سماجي ۽ سياسي معاملن کي هن ڪوريج ڏني. هن پنهنجي تازو شايع ڪرايل ڪتاب، جنهن جو اردوءَ ۾ ٽائٽل، ڊيورنڊ لائين ڪا قيدي- قيد سي رهائي تڪ (ڊيورنڊ لائينز پرزنر) قيد کان آزاديءَ تائين ۾ لکيو آهي ته هي ڪيئن انٽرويو لاءِ افغانستان ۾ داخل ٿيو ۽ پوءِ ڪيئن قيدي بڻايو ويو هو. هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ به تازو شايع ٿيڻ واري مرحلي ۾ آهي، جيڪو ايندڙ مهيني مارڪيٽ ۾ اچي ويندو. فيض الله خان جو ڪتاب سندس قيد وارن ڏهاڙن جي يادگيرين تي ٻڌل آهي. خان پنهنجي هن ڪتاب ۾ قيد دوران پيش آيل صعوبتن کي بيان ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ لاڳاپا هن خطي لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته مقامي ليکڪ ۽ صحافي اها اهميت ڄاڻين ٿا ۽ ان جا اکين ڏٺا شاهد به آهن، اهڙي طرح سندس ڪتاب ان نُقطهءِ نظر کان گهڻي اهميت وارو آهي. هي ڪتاب 32 باب ۽ 227 صفحن تي ٻڌل آهي، ان ڪتاب جي شروع ۾ امير هاشم خاڪواني پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته اي ايڇ خانزاده ان ڪتاب ۾ پنهنجو مختصر ٽڪرو پڻ لکيو آهي.

 ڊيورنڊ لائين آهي ڇا؟

 هندوستان کان ڌار ٿيڻ کان اڳ ڀارت جي وائسراءِ افغانستان جي امير عبدالرحمان جي دعوت تي ساڻس مواصلات لاءِ پنهنجن علائقن ۾ اهو نقشو ٺاهيو هو، تنهن وقت جي پرڏيهي وزير مورتيمر ڊيورنڊ سيپٽمبر 1893ع ۾ ڪابل جو دورو ڪيو، ساڳئي سال نومبر ۾ ٻنهي حڪومتن پنهنجن علائقن ۾ بارڊر وچ ۾ لائين ڪڍڻ لاءِ هڪ ٺاهه ڪيو هو، جيڪو تنهن ڏينهن کان ڊيورنڊ لائين طور گهڻو مشهور ٿيو. رڪارڊ موجب نورستان، اسمار، مهمند، لال پورا ۽ وزيرستان جا ڪجهه علائقا افغانستان جو حصو بڻجي ويا، جڏهن ته افغانستان، استانيا، چمن، نوچگئي باقي وزيرستان، بلندخيل، باجوڙ، ڪرم، سوات، بونير، دير، چلاس ۽ چترال جي دعويٰ تان ايندڙ سئو سالن لاءِ هٿ کنيو هو.

فيض الله خان، هڪ صحافيءَ جي حيثيت سان پنهنجن سادن لفظن ۾ ڏکين معاملن تي هيءُ ڪتاب لکيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ آسان ٻوليءَ جو استعمال ڪيو آهي ته جيئن پڙهندڙ آسانيءَ سان ساڻس پيش آيل واقعن کي سمجهي سگهن. هن پنهنجي ڪتاب ۾ ننڍي توڙي وڏي واقعي کي بيان ڪيو آهي. هو هڪ مصنف جي حيثيت سان هن ڪتاب جي پڙهندڙن کي پهرين صفحي کان آخري صفحي تائين کين پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿو. اهو ڪتاب نه رڳو هڪ صحافيءَ سان قيد دوران پيش آيل واقعن جي ڪهاڻي آهي، پر هڪ تاريخي دستاويز پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ گهڻي معلومات ڏني وئي آهي، جيڪا دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۽ پاڪستان ۽ افغانستان جي عوام جي مفادن وٽان پڙهڻ جهڙي آهي. 

By: International Media Monitor