ڳوٺ سلطان گبول جي گرلز اسڪول ۾ استاد مقرر ڪريو!

 

           تعليم کاتي ۾ سڌارا آڻڻ، تعليمي معيار بهتر ڪرڻ، بند پيل اسڪول کولرائڻ ۽ اسڪولن کان ٻاهر ويٺل لکين ٻارڙن جي داخل ڪرائڻ ۽ کين اسڪولن ۾ آڻڻ لاءِ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آھي. سنڌ مان گوسڙو استادن کي اسڪول آڻڻ لاءِ بائيو ميٽرڪ نظام لاڳو ڪيو ويو، جيڪو ساراهه جوڳو قدم هو. حڪومت ته وڏيون دعوائون ڪري رهي آهي، پنهنجون ڪاميابيون ڳڻائي رهي آھي پر زميني حقيقتون ان جي ابتڙ آھن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڄ به ڪيترائي اهڙا اسڪول آھن، جيڪي بند پيل آھن، ڪيترائي اسڪول استادن کان وانجهيل آھن ۽ ڪيترائي اهڙا ٻار آهن، جن جي اڃان اسڪولن ۾ داخلا ٿي نه سگهي آهي. ڪي اسڪول اهڙا آهن، جتي ٻارن ۽ استادن جي حاضري به سٺي آهي پر اتي ٻيو ته ٺهيو عمارت جي سهولت به ناهي يا وري عمارت زبون حال آهي. اسانجي ڳوٺ سلطان گبول جي گرلز اسڪول جي عمارت ٺھي ڪيترائي سال ٿيا آهن پر، اتي ماسرياڻيون مقرر نه ٿي سگهيون آھن، جنهن سبب نياڻيون هن جديد دور ۾ به تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل  آھن. سنڌ جي تعليم واري وزير کي اپيل ٿي ڪجي ته ڳوٺ سلطان گبول جي گرلز اسڪول ۾ ٻارن جي داخلا جي حساب سان استادياڻيون مقرر ڪيون وڃن.

ذوالفقار گبول/جروار شهر

 

اين جي اوز وارن ته ٿري ماڻهن کي قرضي ڪري ڇڏيو!

 

وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي مانيٽرنگ لاءِ قانون جوڙيا آهن، اين جي اوز کي ڪٿان فنڊ ملن ٿا ۽ ڪهڙن ڪمن لاءِ ملن ٿا، ان جي پڇاڻي جو به هڪڙو نظام جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڪنهن سماجي تنظيم جي رجسٽريشن ڪرائڻ جو طريقيڪار ۽ قاعدو به گهڻي حد تائين تبديل ٿيو آهي، ايستائين کنيل اهي سمورا قدم بهتر چئي سگهجن ٿا پر اڃان بهتري جي ضرورت آهي. اين جي اوز جي سرگرمين سان ملڪ جي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ڪا وڏي تبديلي آئي هجي ته آئي هجي پر سنڌ ۾ اهڙي ڪا عوامي سطح جي تبديلي نظر نٿي اچي. ايترو ضرور ٿيو آهي ته اين جي اوز جي مالڪن/سربراهن جي زندگين ۾ واضح تبديلي ضرور آئي آهي. خاص طور تي ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ جنهن نموني سان سماجي شيوا جو نعرو هڻي، جيڪي ڪم ڪيا پيا وڃن، اهي ڪنهن به صورت ۾ عوامي ڀلائي وارا ناهن، باقي ڪنهن فرد جي ذاتي ڀلائي وارا ضرور ٿي سگهن ٿا. هن خطي جي محرومين کي ڳڻائي سماجي ڪم ڪرڻ لاءِ جيڪي فنڊس ورتا پيا وڃن ۽ انهن جو جهڙي ريت استعمال ڪيو پيو وڃي، اهو عمل افسوسناڪ آهي. لکين رپيا پگهار کڻندڙن جو عام ماڻهو سان ورتاءُ وڏيرڪو آهي. عمرڪوٽ ۾ اين جي اوز آفيسون ڪنهن وڏيري ۽ ڀوتار جي اوطاق بڻيل آهن. عمرڪوٽ شهر ۽ ڀرپاسي جي آبادي کي پنهنجو قرضي بنائڻ ۾ اين جي اوز وارن وسان نه گهٽايو آهي. وياج تي قرض ڏئي بعد ۾ ٻيڻو ٽيڻو ڪري واپس ورتو وڃي ٿو. ويجهي ماضي ۾ هڪ اين جي او جي ڏنل قرضن جي ڪري هتي عوام ۾ نعرو مشهور ٿيو ته اين جي او وارن ٿري ماڻهن کي قرضي ڪري ڇڏيو،ٿري ماڻهو جي ڄمار گذري وڃي ٿي پر، انهي جو قرض نٿو لهي.

جان محمد مڱريو/عمرڪوٽ

 

مهراڻ ويرو جي اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ!

 

مهراڻ ويرو جي سرڪاري اسپتال ۾ دوائن جي لاءِ هر سال لکين رپين جي بجيٽ منظور ٿئي ٿي، ان باوجود غريب مريضن لاءِ هتي سرڪاري دوائون اڻلڀ آهن. مقامي چونڊيل نمائندن ۽ اسپتال جي سربراهه ڊاڪٽر جي ملي ڀڳت سان دوائون گهڻو ڪري خريد ئي نه ڪيون وينديون آهن، انهن جا بل ٺاهي، اهي هڪٻئي ۾ ورهايا ويندا آهن. جيڪي ٿوريون گهڻيون دوائون خريد ڪيون ٿيون وڃن ته اهي به غريبن جي پهچ کان پري آهن. اسپتال ۾ نئين ڄاول ٻار لاءِ ڪنهن ويڪسين جو انتظام ناهي ٿيل. جنهن جي ڪري مريضن کي مجبورن خانگي اسپتالن ڏانهن وڃڻو ٿو پوي. سنڌ جي صحت کاتي واري وزير کي اپيل ٿي ڪجي ته اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ختم ڪرائي، عوام کي وڌيڪ سهولتون مهيا ڪيون وڃن.

حبيب الله کاهوڙي/ڏاهلي

 

سنڌ جي بئراجن تي آباد ايراضي بابت آيل غلط حوالا!

 

9 جنوري 2017ع جي ڪاوش ۾ نصير ميمڻ جو هڪ مضمون ڇپيو آهي، جنهن جي چوٿين پيراگراف ۾ ليکڪ لکيو آهي ته سکر بئراج سان 28 لک 68 هزار ايڪڙ زمين زرعي ترقي هيٺ آئي، جيڪو حوالو درست ناهي. ايم ايڇ پنهور صاحب جي مشهور ڪتاب Six Thousand Years of History of Irrigation Sindh  جي صفحي 242 ۽ 289 مطابق بئراج سان اٽڪل 78 لک ايڪڙ ايراضي زراعت هيٺ آئي، جنهن مان اٽڪل 28 لک ايڪڙ زمين سرڪاري هئي، جيڪا بعد ۾ مقامي ۽ غير مقامي ماڻهن ۾ ورهائي وئي. ليکڪ وڌيڪ لکيو آهي ته ڪوٽڙي بئراج سان ڏکڻ سنڌ ۾ ساڍا سورنهن لک ايڪڙ زمين آبپاشي هيٺ آئي. انهيءَ سلسلي ۾ وضاحت ته پنهور صاحب جي ساڳئي ڪتاب جي صفحي 245 ۽ 289 مطابق ڪوٽڙي بئراج سان ٽوٽل اٽڪل 28 لک ايڪڙ زمين آبپاشي هيٺ آئي، جنهن مان اٽڪل 16 لک ايڪڙ سرڪاري زمين هئي، جيڪا پڻ بعد ۾ مقامي ۽ ڌارين ماڻهن ۾ ورهائي وئي. وڌيڪ لکيو ويو آهي ته 1962ع ۾ ٺهيل گڊو بئراج  تي 27 لک ايڪڙ زمين سيراب ٿي، جنهن مان اڌ زمين ٻاهرئين ماڻهن لاءِ رکي وئي. انهيءَ سلسلي ۾ پنهور صاحب جي ساڳئي ڪتاب جي صفحي 247 ۽ 289 مطابق گڊو بئراج سان ٽوٽل اٽڪل 30 لک ايڪڙ زمين آبپاشي هيٺ آئي جنهن مان 23 لک ايڪڙ سنڌ ۽ 7 لک ايڪڙ بلوچستان جي آهي ۽ انهيءَ مان اٽڪل 11 لک ايڪڙ سرڪاري زمين هئي، جيڪا گهڻي ڀاڱي مقامي ماڻهن ۾ ئي ورهائي وئي هئي ۽ ٻاهرين ماڻهن جو تعداد تمام گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته ڏکڻ ۽ وچولي سنڌ ۾ ته برابر ٻاهرين ماڻهن کي وڏي تعداد ۾ سرڪاري زمينون الاٽ ڪيون ويون هيون، پر اتر سنڌ ۾ مخصوص قبائلي ماحول سبب ٻاهرين ماڻهن کي سرڪاري زمين ڏيڻ جو تعداد تمام گهٽ بلڪه اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. نصير ميمڻ صاحب مختلف بئراجن ذريعي آبپاشي هيٺ آيل زمين جي جيڪا ايراضي ڏني آهي، اهي صرف سرڪاري زمين جي ايراضي جا انگ اکر آهن، جڏهن ته انهن بئراجن تي ٽوٽل ايراضي جا انگ اکر انهن کان وڌيڪ آهن، جن جا تفصيل مٿي بيان ٿيل آهي.

فاروق بجاراڻي/تنگواڻي(ڪنڌڪوٽ)

 

سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي پوري ڪيئن ٿيندي؟

 

سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيترائي شاگرد ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن، انهن کي اتي جيڪي مشڪلاتون ۽ ڏکايون پيش اچن ٿيون، هو انهن کي يونيورسٽي جي بدنامي سمجهي منظر تي نٿا آڻين. ڪيترائي اسڪالر آهن، جن کي سنڌ يونيورستي جي سنڌي شعبي جي سستي جي ڪري ڊگريون ملڻ ۾ دير ٿي. سنڌي شعبي جي ڪارڪردگي کان مايوس ٿي ڪجهه اسڪالرن سنڌ يونيورسٽي کي الوداع چئي وڃي ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ داخلا ورتي ۽ اتان پي ايڇ ڊي ڪري فارغ ٿيا، انهن جا نالا في الحال ظاهر نه ٿو ڪريان. انهن اسڪالرن کي رلائڻ ۾ شعبي جي سربراهه ۽ انتظاميا جي ڀلي شعوري ڪوشش نه به هجي پر سندن سستي ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ واري روئي جي ڪري هو بيزار ٿيا. هتي آئون مجبورن يونيورسٽيءَ انتظاميا جي نااهلي جو ذڪر ڪرڻ کان رهي نٿو سگهان. مون 2012ع ۾ ”شاهه لطيف جي مزاحمتي شاعري جو تحقيقي اڀياس“ جي موضوع تي سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. جنهن جو آخري ڪامياب سيمينار 2012ع جي آخري مهينن ۾ ٿيو هو. 2013ع ۾ تحقيقي مقالي (ٿيسز) جون 5 ڪاپيون ورتيون ويون، جن مان 2 ڪاپيون هندستان ۾ ڪنهن اديب وٽ چڪاس لاءِ موڪليو ويون، ان لاءِ مون ٽي سي ايس ذريعي ٿيسز موڪلڻ جا پئسا پڻ جمع ڪرايا هئا. ساڳئي سال جي آخر ۾ هندستان جي ماهر ادبي ماهر (شايد ڊاڪٽر موتي پرڪاش) جون رپورٽون به يونيورسٽي کي ملي چڪيون هيون. باقي هڪ رپورٽ جو انتظار هو، جيڪا اڄ تائين نه ملي سگهي آهي. ڪيترائي دفعا يونيورسٽي جا چڪر لڳائڻا پيا، ان سلسلي ۾ مئڊم طاهراڻي، اڳوڻي وائيس چانسلر سان به مليس، جنهن چيو ته هڪ ماهر جي رپورٽ نه آئي آهي، ٻئي Expert ڏانهن ٿيسز جي ڪاپي موڪلڻي پوندي. نيٺ 2016ع ۾ ذاتي ڪوشش سان ٻي ڪاپي هندستان موڪلي وئي، ان جي به خير سان اڃا تائين خبر پئجي نه سگهي آهي. منهنجي لاءِ ٿيسز لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ ايڏو مسئلو نه هو، جيترو نتيجي جو انتظار ڪرڻ مسئلو بڻجي پيو آهي، اهو انتظار ڪندي چار سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي. اهڙي صورتحال رهي ته پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان ڪير پي ايڇ ڊي ڪرڻ چاهيندو؟

محمد خشڪ/مڪلي

 

 اڳوڻن بادشاهن جا موجودهه بادشاهه مقبرا به نه بچائي سگهيا!

 

هن وقت سنڌ جي ٻن اهم اڳوڻن بادشاهن جا مقبرا ڊهڻ تي آهن. ميانوال تحريڪ جي سرواڻ ميان نصير محمد ڪلهوڙو ۽ سندس فرزند ميان يار محمد ڪلهوڙي غلاميءَ جي طوق کي ٽوڙي سنڌ جي خودمخيتاري جو اعلان ڪيو هو ۽ پنهنجون عبوري حڪومتون قائم ڪيون. ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جي زراعت، معيشت، سماجي، علمي ۽ ادبي ۽ اقتصادي حالت بهتر هئي. اڄ انهن اڳوڻن بادشاهن جا مقبرا به اسان بچائي نه سگهيا آهيون. صورتحال اها آهي جو ميان يار محمد ڪلهوڙي جو تاريخي ۽ شاندار مقبرو زبون حالت ۾ آهي، ان مقبري کي عارضي لوهي پائپن جي ٽيڪ ڏني وئي آهي، جيڪي ڪنهن مهل به ڊهي سگهن ٿا. سنڌ جو قديم تخت گاهه ڳاڙهي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۽ ضلعي دادو ۾ واقع آهي، اهو ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي جو قائم ڪيل تخت گاهه خدا آباد ٻئي بلڪل ويران ۽ اُجڙيل آهن. سنڌ جي ثقافت کاتي واري وزير ۽ وڏي وزير کي اپيل ٿي ڪجي ته اسان جيڪڏهن ٻيو نٿا ڪري سگهون ته، گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي وڏن جون قبرون ۽ مقبرا ته محفوظ بڻايون.

امير بخش ڪلهوڙو/ ڪي اين شاهه

 

سماج ۾ قوت برداشت ڪيئن وڌائي سگهجي ٿي؟

 

اڄڪلهه اها ڳالهه مشاهدي ۾ آئي آهي ته اسان جي سماج مان برداشت ۽ سهپ ختم ٿيندي پئي وڃي ۽ هر ماڻهو ٻئي ماڻهو کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. آئون حيران آهيان ته معزز ليکڪ ۽ ڪجهه اديب پڻ ان ذهني حالت جو شڪار آهن. فلاڻي اديب کي ڪنهن فنڪشن ۾ ڇو گهرايو ويو، کيس اسٽيج تي ڇو ويهاريو ويو، فلاڻي شاعر کي فنڪشن ۾ ڇو نه گهرايو ويو ۽ کيس سند يا انعام سان ڇو نه نوازيو ويو وغيره وغيره. اديب ته روشني ڦهلائڻ وارو هوندو آهي، ان جي اندر ايتري گُهٽ ۽ اونداهي ڪٿان آئي؟ اديب ۽ ڏاهو سماج ۽ معاشري کي سڌي رستي تي وٺي وڃڻ جو گس ٻڌائيندو آهي. خاص طور نوجوانن ۾ عدم برداشت تمام گهڻي نظر اچي ٿي. تون ڪير، آئون ڪير وارو بحث تمام گهڻو پيو هلي. جاپان جي هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪ قبيلو رهندو هو، جنهن ۾ هڪڙي ڪٽنب ۾ هزار ڀاتي رهندا هئا، پر انهن ۾ ڪڏهن به جهيڙو جهڳڙو نه ٿيو ۽ سڀئي هڪ ٻئي سان شانتيءَ جي زندگي گذاري رهيا هئا. جڏهن قبيلي جي پڳدار کان پڇا ڪئي وئي ته اهو ڀلا اوهان ڪيئن ممڪن بنايو آهي؟ هن جواب ڏنو ته اسان جي هر هڪ ڀاتيءَ کي قوت برداشت حاصل آهي، ان ڪري ڪوبه جهيڙو جهڳڙو نه ٿيندو آهي. جيڪڏهن حڪومت طرفان يا ڪنهن تنظيم پاران ڪنهن ننڍي وڏي اديب کي پذيرائي نه ٿي ملي ۽ اهل ماڻهوءَ کي سند يا انعام نه ٿو ملي ته ان سان اهل ماڻهو جي اهميت گهٽجي نٿي وڃي. جيئن فارسي جي هڪ شعر جو ترجمو آهي ته، اهل جي جاءِ تي جيڪڏهن نااهل مٿي ويٺل آهي ته عيب نه سمجهڻ گهرجي ڇو ته گاهه درياءَ جي مٿان ترندو آهي، پر موتي درياهه جي پيٽ ۾ هوندا آهن.

گر ڏنو لعل لاڙڪاڻو

           جڏهن آئون گئس جو بل پيارڻ لاءِ پوسٽ آفيس پهتس ته اتي مختلف کاتن ۾ خالي جايون ڀرڻ لاءِ آيل اشتهارن کي ڏسي، بيروزگار نوجوان نوڪري لاءِ درخواستون موڪلي رهيا هئا. نوڪري جا خواهشمند نوجوان پنهنجي گفتگو ۾ مصروف هئا، جيڪا مون به ڌيان سان پئي ٻڌي ۽ پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪندو ويس. ڪن چيو پئي ته، اهي نوڪريون وزيرن، مشيرن، ايم پي ايز، ايم اين ايز، سينيٽرن ۽ جيالن لاءِ يا انهن جي مٽن مائٽن لاءِ آهن. ڪن وري چيو پئي ته ادا جي ائين آهي ته پوءِ اشتهارن ۾ لکي ڇڏين ها ته سواءِ وزيرن، مشيرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز، سينيٽرن ۽ جيالن جي مٽن مائٽن جي ٻيا درخواستون جمع نه ڪرائين، پوءِ پاڻ هي درخواستون نه موڪليون ها. ڪنهن نوجوانن وري مذاق مان چيو پئي ته، ادا آئون سڌو دبئي درخواست آصف علي زرداري ڏانهن( تڏهن زرداري صاحب ملڪ کان ٻاهر هو) موڪلي رهيو آهيان، منهنجي نوڪري ته پڪي آهي. ڪن وري چيو پئي ته اسان درخواستن سان گڏ لفافي ۾ پئسا به موڪليون پيا، اسانکي نوڪري ڪيئن نه ملندي، نوڪري ته ملندي ئي اسانکي. ڪن وري ميرٽ جون خبرون ڪندڙن چيو پئي ته يار، اين ٽي ايس ٽيسٽ ڪرائيندا ته حقدارن کي ضرور حق ملندو. ڪن جو خيال هو ته سيد مراد علي شاهه ميرٽ ڪندو، ڪي ته ايترا باخبر پئي لڳا جو چيائون پئي ته لسٽون اڳ ۾ ئي ٺهي چڪيون آهي، رڳو قانوني گهرجون پوريون ڪندا ته، متان جيئن مستقبل ۾ ڪورٽن ۽ نيب کي منهن ڏئي سگهجي. مون سوچيو ته هنن ڏينهن ۾ اهڙيون ڳالهيون ته، سنڌ جي هر پوسٽ آفيس ۽ ڪوريئر سينٽر تي نوڪري جا خواهشمند نوجوان ڪندا هوندا! ڇا سنڌ جي حڪمرانن جي ڪنن تائين اهڙيون ڳالهيون نٿيون پهچن؟

 

قاضي عبدالرزاق/ماتلي