حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) اسلام آباد جي قائد اعظم يونيورسٽي انتظاميا پاران سنڌي ۽ بلوچ شاگردن جي داخلا تي پابندي مڙهي نيڪالي ڏيڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ يوٿ فرنٽ ۽ ينگ لائيرز فورم پاران ڪالهه ريڊيو چوڪ تي ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا آهن، ان موقعي تي امير نوناري، شوڪت خاصخيلي، ڪي بي لغاري، سچل گوپانگ ۽ ٻين چيو ته شاگرد ملڪ، قوم ۽ وطن جا معمار هوندا آهن، انهن جي مستقبل کي تباهه ڪرڻ بدران روشن ڪيو وڃي، هنن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا سنڌي ۽ بلوچ شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪيو آهي، جيڪو عمل قابل مذمت آهي، هنن چيو ته شاگردن جي مستقبل کي ڪنهن به صورت ۾ تباهه ٿيڻ نه ڏينداسين، ان ڪري فوري طور تي ريسٽيڪيٽ ڪيل شاگردن کي بحال ڪيو وڃي.