ڪراچي(رپورٽ: وحيد راڄپر) سنڌ سرڪار، صوبي ۾ پري پرائمري کان ميٽرڪ تائين جي شاگردن کي انگريزي سيکارڻ لاءِ هر ضلعي ۾ هڪ هڪ سرڪاري اسڪول کي انگلش ميڊيم ڪيمبريج اسڪول جو درجو ڏئي سامان جي ورڇ وارو ڪم مڪمل ورتو آهي جڏهن ته لاڳاپيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊويزن سطح تي ٽيڪنيڪل ڪاميٽون قائم ڪيون ويون آهن، هر ڪاميٽي جو سربراهه ڊويزنل ڊائريڪٽر ايجوڪيشن کي بڻايو ويو آهي جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (سيڪنڊري)، چيف مانيٽرنگ آفيسر ۽ هيڊ ماستر يا ڊپٽي ڊي اي او کي ميمبر طور ڪاميٽين ۾ کنيو ويو آهي. ڪاميٽين کي اها ذميواري ڏني وئي آهي ته اهي انگلش ميڊيم ڪيمبريج اسڪولن ۾ ورهايل فرنيچر، جنريٽرن، سائنس مٽيريل ڪتابن ۽ آءِ ٽي سامان جي فزيڪل ۽ ٽيڪنيڪل چڪاس ڪري رپورٽ اماڻينديون، ڪاميٽين کي اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته اسڪولن ۾ اماڻيل سامان جي تعداد ۽ معيار جي چڪاس تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، واضح رهي ته ڪيمبريج سسٽم وارن ڪامپريهينسو اسڪولن ۾ نرسري کان او ليول جا ڪورس پڙهايا ويندا.