لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي ۾ هڪ هزار 84 ٽيچرس جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال شروع ڪرڻ خلاف مهراڻ ٽيچرس ايسوسيئيشن پاران لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن دولهه درياهه خان، حق نواز نوناري، رسول بخش، حبيب الله ڀٽو، شمس ٻرڙو، اسماعيل ڪلهوڙو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته اسان 72 ڪلاڪن جو احتجاج شروع ڪيو آهي، لاڙڪاڻو ڊويزن اندر 5 ضلعن ۾ سينارٽي لسٽون هن وقت تائين جاري نه ڪيون ويون آهن، مختلف بهانن سان هڪ هزار 84 ٽيچرس کي نوڪري مان ڪڍڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هنن گهر ڪئي ته استادن جا مطالبا منظور ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.