اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستاني قونصليٽ جا 2 عملدار روڊ رستي ملڪ ايندي افغانستان ۾ گم،پاڪستان حڪومت پاران افغان اختيارين سان رابطو عملدران جي تحفظ جلد ڳولا جو مطالبو.پرڏيھي آفيس پاران ڪالھ انڪشاف ڪيو ويو آھي جلال آباد ۾ پاڪستان قونصل جنرل جا 2 عملدار 16 جون تي روڊ رستي ملڪ ايندي گم ٿي ويا آھن.ترجمان مطابق سفارتي عملدارن جي گم ٿيڻ بابت افغان اختيارين سان رابطو ڪري سندن حفاظت ۽ جلد بازيابي لاءِ چيو ويو آھي.ترجمان ڄاڻايو آھي ته افغان اختيارين مطابق واقعي جي جاچ لاءِ سمورا قدم کنيا ويا آھن ۽ پاڪستاني سفارتي عملدارن جي حفاظت ۽ جلد بازيابي لاءِ 3 جاچ ٽيمون قائم ڪيون ويون آھن.پاڪستان حڪومت پاران عملدارن جي جلد بازيابي سان گڏ ۽ واقعي ۾ ملوث ڏوھارين کي جلد انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ لاءِ چيو ويو آھي.ترجمان ڄاڻايو آھي ته سفارتي عملدارن جي بازيابي لاءِ حڪومت مسلسل افغان اختيارين سان رابطي ۾ آھي.