اوول: پاڪستان کان بري شڪست کائيندڙ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي اعتراف ڪيو ته پاڪستان راند جي هر شعبي ۾ کين آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو، ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن انهن جو ڏينهن هجي ته اهي دنيا جي ڪنهن به ٽيم کي هارائي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستاني ٽيم سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، فائنل کٽڻ تي کين مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، هن چيو ته اڄ اسان جي ٽيم جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هئي، بيٽنگ ۾ هرديپ ۽ پانڊيا کانسواءِ ڪو به سٺو پرفارم ڪري نه سگهيو، فائنل ۾ پهچي هارائڻ تي ڏک پهتو آهي.