اوول: ڀارت کي هارائي چئمپينز ٽرافي کٽيندڙ پاڪستاني ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته اسان جي ٽيم ۾ اڪثر رانديگر نوجوان آهن جن مايوس نه ڪيو، نوجوان رانديگرن تي فخر آهي، ڪاميابي جو سمورو ڪريڊٽ بالرن کي وڃي ٿو، ڪامياب ڪپتان طور ٽرافي حاصل ڪرڻ بعد انٽرويو ڏيندي هن چيو ته عامر ۽ ٻين بالرن تمام سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، اسان تمام مثبت ڪرڪيٽ کيڏي ۽ ڪامياب ٿياسين، هن چيو ته فخر الزمان جي اننگز تمام شاندار هئي، گرائونڊ ۾ سپورٽ ڪرڻ تي عوام جو شڪرگذار آهيان، ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٽيم انتظاميا جو به ٿورو مڃيا ٿو، هن چيو ته ٽيم جي ڪپتاني ڪرڻ تي فخر آهي.