حيدرآباد (نمائندن وٽان) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جي فائنل ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪاميابي تي سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ جشن جو سماءُ پيدا ٿي ويو، قوم ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪاميابي تي خوشي مان ريليون ڪڍي دهلن ۽ شرناين تي رقص ڪيو ويو، ڪرڪيٽ جي مداحن هڪ ٻئي کي مٺايون کارايون، ان ڏس ۾ سنڌي جي مختلف شهرن ۾شوقينن پاران ريليون ڪڍي خوشي جو اظهار ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ مختلف چوڪن تي ٽي ويز لڳائي ميچ ڏسي شوقين لطف اندوز ٿيا، ڪاميابي تي ريلي ڪڍي رقص ڪيو ويو، خير محمد آريجا ۾ سيد امجد شاهه ۽ ٻين سکر ۾ پڻ ريليون ڪڍيون ويون، ٽنڊي ڄام ۾ شوقينن جهمريون هنيون، بدين ۾ شفيق ترڪ ۽ ٻين دهلن تي ريليون ڪڍيون، ڪنڊيارو ۾مير خان سهتو جي اڳواڻي ۾ دهلن ۽ شرناين تي ريلي ڪڍي وئي، چمبڙ ۾ موٽرسائيڪلن تي ريلي ڪڍي وئي، پنگريو ۾ عبدالرزاق ڪوري جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، ڪڙيو گهنور ۾ اڪبر نظاماڻي، جي ايم مهيسر، معشوق ۽ ٻين دهلن تي ريلي ڪڍي مٺائي ورهائي وئي، جيڪب آباد ۾ هوائي فائرنگ ڪري جهمريون هڻي جشن ملهايو  ويو، نصرپور ۾ وقاص خانزادي جي اڳواڻي ۾ ريلي آتشبازي ڪئي وئي، ميان صاحب ۾ فريد ٽانوري ۽ ٻين ريلي ڪڍي، ميرپوربٺوري ڀرسان ڳوٺ احمد خان زنئور ۾ شوقينن دهلن تي جهمريون هنيون، حفيظ آزاد ۽ ٻين موٽرسائيڪلن تي ريلي ڪڍي، سانگهڙ ۾ جهمريون هنيون ويون، شهدادپور ۾ ريليون ڪڍي مٺايون ورهايون ويون، سرهاڙي ۽ مقصودي رند ۾ ريلون ڪڍيون ويون، کپري ۾ ريليون ڪڍي خوشي جو اظهار ڪيو ويو، ميرواهه گورچاڻي ۾ آتشبازي ڪئي وئي، عمرڪوٽ ۾ مختلف هنڌن تان ماستر ٽيڪم داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون نڪتيون، اسلام ڪوٽ ۾ ڪمليش ڪمار جي اڳواڻي ۾ جشن ۽ ريلي ڪڍي وئي، مٺي ۾ هوائي فائرنگ ڪري معشوق عمراڻي جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون، جوهي ۾ ميونسپل چيئرمين مجيد جمالي جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي، ڪنري، ٻسٽان، نبي سر ٿر، ٽالهي، نبي سر روڊ ۾ ريليون ڪڍي جشن ملهايا ويا، سيٺارجا ۾ موٽرسئيڪلن تي وڏي ريلي ڪڍي مٺائي ورهائي وئي، خانپور ۾ شوقينن ريلي ڪڍي، هوڏانهن نوابشاهه ۾ مختلف علائقن جي نوجوانن پاران خوشي ۾ ريليون ڪڍيون، مختلف علائقن مان نڪتل ريليون شهر جو گشت ڪنديون رهيون، پاڪستان جي رانديگرن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي.